قمبر ( رپورٽر) خيبرپختونخوا صوبي جي ڊيرا اسماعيل خان ضلعي جي رهواسي عرفان الله خان ولد نذر گل قمبر شھر جي باگوديرو محلي جو شناختي ڪارڊ ٺھرائڻ بعد قمبر ضلعي جو ڊوميسائيل ٺھرائي اسلام آباد پوليس ۾ سپاهي طور ڀرتي ٿيو هو، جنهن بعد 20 جنوري 2023 تي ڊوميسائيل جي ويريفڪيشن لاءِ نيشنل پوليس اڪيڊمي اسلام آباد طرفان ڊي سي قمبر ڏانهن ليٽر ڪڍيو ويو هو، جنهن جي جاچ پڙتال ڪرڻ تي سندس ڊوميسائيل جعلي نڪتو، جنهن تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر 2 قمبر نيشنل پوليس اڪيڊمي اسلام آباد کي ليٽر لکي ڄاڻايو آھي ته اهڙو ڊوميسائيل اسان جي آفيس مان جاري ناهي ٿيو ۽ جعلي آھي