قمبر (رپورٽر) قمبر جي مين بوائز هاءِ اسڪول ۾ اسٽيم جي حوالي سان سائنسي ميلو لڳايو ويو، جنهن ۾ ضلعي جي سرڪاري ۽ خانگي 22 سيڪنڊري، مڊل، هائير سيڪنڊري گرلز ۽ بوائز اسڪولن جي شاگردن حصو ورتو، شاگردن ۽ شاگردياڻين طرفان انجنيئرنگ ميوزيڪل انسٽيومينٽ، پوسٽل ڪارڊ، فلڊ بوٽ، ونڊ اسڪرين، ماڊل وليج، ساھه کڻڻ ۽ هاضمي جي سرشتي سميت مختلف پراجيڪٽس جا ماڊل ٺاھي نمائش لاءِ رکيا ويا، ان موقعي تي ڊائريڪٽر سيڪنڊري لاڙڪاڻو سيد صفدر علي شاھه، ڊي سي سجاد حيدر قادري، ڊي اي او الابخش سومرو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.