قمبر (رپورٽ: عبدالرحيم منگي) تعليم کاتي قمبر جي 44 پرائمري استادن کي گوسڙو ڄاڻائي نوڪرين تان برطرف ڪري ڇڏيو، ڊائريڪٽر اسڪولز ايجوڪيشن لاڙڪاڻو ريجن خليل احمد مھر قمبر تعلقي جي مختلف اسڪولن جي 29 ميل ۽ 15 فيميل سميت 44 پرائمري استادن کي گوسڙو ڄاڻائي کين نوڪرين تان فارغ ڪري ڇڏيو آهي، ڊائريڪٽر طرفان نوڪرين تان برطرف ٿيل سمورن استادن ڏانهن ليٽر به اماڻيا ويا، جنهن ۾ ڄاڻايو آهي ته توهان سال 2023ع ۽ 2024ع تائين استادن جي حاضري واري سسٽم بائيو ميٽرڪ ۾ غير حاضر رهيا، توهان ڏي 31 جنوري تي شوڪاز نوٽيس پڻ جاري ڪيا ويا، 18 فيبروري تائين جواب ڏيڻ لاءِ چيو ويو پر توهان ڪو به جواب نه ڏنو نه ئي وري روبرو پيش ٿيا، تنهن ڪري توهان کي نوڪرين تان فارغ ڪيو ويو آهي، نوڪرين تان برطرف ڪيل استادن ۾ فوزيه، محمد مراد هليو، رضوان، سنيرا، صدف، الماس، ريحانه پروين، قلب حسين، مختيار علي، عمران علي، عبدالجبار، وزير احمد ۽ ٻيا شامل آهن، اهڙي عمل بعد گوسڙو استادن ۾ ٿرٿلو پئجي ويو آهي. ٻي طرف ڊائريڪٽر اسڪول ايجوڪيشن عملي جي لاپرواهي برطرفي واري ليٽر تي 5 مارچ بدران  غلطي وچان تاريخ 25 مارچ 2025ع لکي وئي، ان سلسلي ۾ ضلعي ايجوڪيشن آفيسر رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته 5 مارچ تي برطرفي وارا ليٽر جاري ڪيا ويا، غلطي وچان ليٽر ۾  25 مارچ جي تاريخ لکجي وئي آهي.