قمبر (رپورٽر) قمبر ۾ پوليس اهلڪار جي 2 زالن ۾ جهيڙو، وڏي زال چاقو جا واري ڪري ننڍي زال کي مرڻينگ ڪري ڇڏيو، ڪيس داخل، پوليس حملو ڪندڙ عورت کي گرفتار ڪري ورتو، خبر موجب شهر جي فيصل ڪالوني جي رهواسي قمبر ٿاڻي جي اهلڪار 40 سالن جي امداد علي مگسي جون 2 شاديون ٿيل آھن، سندس گهر اندر گڏ رهندڙ ٻنهي گهروارين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران اهلڪار جي وڏي زال 37 سالن جي آسيا چاقن جا وار ڪري ننڍي زال 22 سالن جي ريشمان چانڊيو کي شديد زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن کي بروقت علاج لاءِ ٽراما سينٽر لاڙڪاڻو نيو ويو، جتان کيس حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب کيس وڌيڪ علاج لاءِ ڪراچي منتقل ڪيو ويو، پوليس بروقت ڪارروائي ڪري حملو ڪندڙ عورت آسيا کي گرفتار ڪري ورتو جيڪا وومين پوليس جي تحويل ۾ آھي، پر پوليس سندس گرفتاري ظاهر ناهي ڪئي، ٻئي طرف اهڙي واقعي جو ڪيس زخمي عورت جي مامي يوسف علي چانڊيو قمبر ٿاڻي تي آسيا ۽ هڪ اڻسڃاتل مٿان داخل ڪرائيندي ڄاڻايو آھي ته ڀاڻيجي ريشما جي 2  سال اڳ امداد سان شادي ٿي هئي، جيڪو اڳ به شادي شدهه هو، ٻئي زالون هڪ ئي گهر ۾ رهنديون هيون، ٻنهي ۾ گهريلو معاملي تان جهيڙو ٿي پيو، آسيا چاقن جا وار ڪري ريشمان کي مرڻينگ ڪري ڇڏيو.