سيوھڻ(رپورٽ: اشرف عطار) ننڍي کنڊ جي عظيم صوفي بزرگ حضرت سيد عثمان مروندي المعروف لال شهباز قلندر رحه جي 773 هين ٽن ڏينهن واري عرس مبارڪ جي حوالي سان تياريون جاري آهن، ميلي ۾ باقي 2 ڏينهن بچيا آهن، جنهن ڪري قلندر جي پانڌيئڙن لال باغ ۾ ديرا ڄمائي ڇڏيا آهن جڏهن ته 17 فيبروري کان 19 فيبروري 2025ع تائين جاري رهندڙ ٽن ڏينهن واري عرس مبارڪ دوران پانڌيئڙن جي حفاظت لاءِ پوليس انتظاميا پاران 5 هزار کان وڌيڪ سيڪيورٽي اهلڪار مقرر ڪرڻ جو پلان تيار ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ رينجرز، انٽليجنس نيٽ ورڪ کي پڻ هائي الرٽ رکيو ويو آهي، قلندر جي عرس تي ايندڙ لکين پانڌيئڙن کي پيئڻ جي پاڻي جي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ 40 عام سبيلون پڻ لڳايون وينديون. ٻئي طرف مليل ڄاڻ موجب ھن عرس مبارڪ جي تقريبن جو باقائده افتتاح 17 فيبروري سومر ڏينهن سنڌ جو گورنر محمد ڪامران ٽيسوري ڪندو، اطلاعات کاتي پاران عرس مبارڪ جي تقريبن جي ڪوريج لاءِ سيوهڻ ۾ ميڊيا سيل قائم ڪيو ويندو. جڏهن ته حيسڪو اختيارين کي عرس مبارڪ دوران لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي وئي آهي. ان حوالي سان چئيرمين شهباز ميلا ڪميٽي ۽ ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر علي قادري رابطو ڪرڻ تي چيو آهي پانڌيئرن کي مڪمل سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ مناسب انتظام ڪيا ويا آهن. مختلف هنڌن تي پاڻي جي سبيلن کان علاوه ڪنهن به امڪاني صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ايمرجنسي رسپانس سينٽرز قائم ڪيا ويا آ هن.

شب برات کان خانگي سطح تي ميلي جي رسمن جو آغاز، ميندي جي رسم ادا ڪئي وئي

سيوھڻ: قلندر لعل شھباز جي ميلي جي خانگي سطح تي رسمن جو پڻ آغاز ٿي چڪو آھي، پندرنھن شعبان واري رات قاضي غلام رسول محلا جي ٻيڙي واري ڪافي مان سيد امداد شاهه جي اڳواڻي ۾ ميندي آڻڻ جي رسم ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ درگاھ قلندر جي سجاده نشينن سيد محمد شاھه عرف موني شاھه درگاھه بودلا بھار جي گادي نشينن اختر حسين نقوي، سمير نقوي ۽ شھر جي مختلف ڪافين جي سرگروھن ۽ فقير فقر آھن ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ھن قديمي مينڌي ۾ پنجاب جي فنڪارائن ۽ ساٿين قلندري دھمالون ۽ صوفياڻا ڪلام ڳائي خوب داد وصول ڪيو.

عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز ۾ 22 فيبروري تائين ميڊيڪل ايمرجنسي لاڳو

سيوهڻ: عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز ۾ 22 فيبروري تائين ميڊيڪل ايمرجنسي لاڳو ڪندي ڊاڪٽرز، پئراميڊيڪل اسٽاف ۽ ٻئي عملي کي الرٽ رهڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، ڊائريڪٽر ڊاڪٽر معين الدين صديقي چيو آهي ته انسٽيٽيوٽ ۾ ميلي جي موقعي تي ميڊيڪل ايمرجنسي لاڳو ڪئي آهي، 50 بيڊز تي مشتمل ايمرجنسي وارڊ ٺاهيو آهي، جتي 24 ڪلاڪ ميڊيڪل عملو موجود رهندو، هن چيو ته انسٽيٽيوٽ توڙي شهر جي مختلف هنڌن تي 40 ايمبولنسز هر وقت موجود رهنديون، درگاه قلندر لعل شهباز ڀرسان مفت فيلڊ اسپتال قائم ٿيندي جتي هر طبي سهولت ميسر هوندي،جڏهن ته ڊائريا ٽريٽمينٽ جي لاءِ 20 بيڊز تي مشتمل الڳ سينٽر ٺاهيو آهي، ميلي جي موقعي تي پوليو مهم به هلائي ويندي. هن چيو ته سيد عبدالله شاه انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز جي سموري عملي، ڊاڪٽرز، پئراميڊيڪل اسٽاف جون موڪلون رد ڪندي کين 24 ڪلاڪ الرٽ رکيو ويو آهي، ميلي دوران آپريشن ٿيٽر به کليل رهندو،ايمرجنسي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ بلڊ به موجود آهي، موبائيل ڪلينڪس به الرٽ آهن، ڪنهن به ايمرجنسي جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سموريون تياريون ڪيون آهن، اميد آهي ته عرس مبارڪ خيرخيرت سان ٿي ويندو.