ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي صوفي بزرگ قلندر لعل شهباز جو 773هون عرس 17 فيبروري کان شروع ٿيندو، سنڌ حڪومت پاران عرس جي موقعي تي 5 هزار کان وڌيڪ پوليس اهلڪار مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ڪالهه چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاھه ۽ اوقاف واري وزير رياض شاھه شيرزاي جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ چيف سيڪريٽري لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته انڊس هاءِ وي تي هر 30 ڪلو ميٽرن تي ميڊيڪل ڪيمپون قائم ڪيون وڃن، هن صحت کاتي کي هدايت ڪئي وئي ته عرس دوران اضافي ڊاڪٽر، پيراميڊيڪل اسٽاف ۽ ايمبولينسون فراهم ڪيون وڃن، ان موقعي تي صوبائي وزير رياض شاھه شيرازي چيو ته عرس دوران درگاهه جي ڀرپاسي ۾ پينو فقيرن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، هن لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته  درگاهه تي هلندڙ ترقياتي ڪم جلد مڪمل ڪيا وڃن، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته داخلي رستن تي واڪ ٿرو گيٽ، ميٽل ڊٽيڪيٽرز ۽ بايو ميٽرڪ تصديق جو نظام نصب ڪيو ويو آهي. عرس جي موقعي تي وڏين گاڏين جي سيوهڻ شهر ۾ داخلا تي به پابندي لڳائي ويندي. چيف سيڪريٽري سيد آصف حيدر شاھر فوڊ اٿارٽي جي اختيارين کي هدايت ڪئي ته کائڻ پيئڻ جي مرڪزن تي سخت نگراني ڪئي وڃي.