قلندر جي نگري ۾ به ثقافت جا رنگ: گرلز هاءِ اسڪول ۾ ايڪتا تقريب: ثقافتي ريلي

0
51

سيوھڻ (رپورٽ: اشرف عطار)  قلندر جي نگري سيوھڻ ثقافتي رنگن سان رنگجي وئي آھي ۽ 5 ڊسمبر جون تياريون زور شور سان جاري آھن ان حوالي سان سيوھڻ جي گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول ۾ هيڊ مسٽريس نعيمان چانڊيو طرفان پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي اعلان کي ڀرپور موٽ ڏيندي 5 ڊسمبر ايڪتا ڏينهن جي سلسلي ۾ جاڳرتا تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ڪلاس ٽيچرس ۽ اسڪولجي اسٽاف عبدالجبار ميمڻ سميت شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، تقريب ۾ شاگردياڻين قومي ڏھاڙي جي حوالي سان بھترين تقريرون ۽ قومي گيتن تي ٽيبلوز ۽ قلندري ڌمال پيش ڪري ويٺل حاضرين کان خوب داد وصول ڪيو

جڏھن ته ايڪتا تقريب کان اڳ ۾ هيڊماستر ميڊم نعيمان چانڊيو جي اڳواڻي ۾ گرلس اسڪول کان مين گيٽ تائين ايڪتا جاڳرتا ريلي ڪڍي قومي گيتن تي رقص ڪري شاگردياڻين جهمريون هڻندي ٽوپي اجرڪ. علي قاضي. ٽائيم نيوز  پنھنجي اخبار زنده آباد ۽ ان سان گڏ سنڌو تو ۾ ساھ اسان جو جا نعرا پڻ ھنيا، ان موقعي تي ايڪتا جاڳرتا تقريب کي خطاب ڪندي ميڊم نعيمان چانڊيو ۽ اسڪولي شاگردياڻين ڪوثر، فريدا، ناديا، فردوس، شگفتا ۽ ٻين پنھنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو تہ 5 ڊسمبر تي ايڪتا ڏهاڙو اسان عيد جي ڏينهن جيان ملهائينداسين، ۽ ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار جي سرواڻ علي قاضي صاحب جس لهڻي جنھن ھي پنھنجي ثقافت جو ٻج ڇٽي پوري دنيا ۾ سڃاڻپ ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو.ھاڻ ھن ڀيري بہ جيڪو سندس پاران (سنڌو تو ۾ ساھ اسان جو) عنوان رکيو ويو آھي ان جو مطلب آھي ته جيئن ڪڏھن به سنڌو درياء اندر پاڻي جي ھجڻ سان ڪڏھن به ڪا کوٽ پيدا نه ٿئي ۽ پنھنجي سنڌ جون زرعي زمينون ساوڪ جي پوشاڪ سان سرسبز ۽ ھجن ۽ اسان جي ھر وستي جو واھڻ جو آبادگار مالامال ۽ خوشحال رھي سگھي.