سيوھڻ (رپورٽ: اشرف عطار) سيوھڻ ۾ ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي سڏ تي”انتها پسندي کان آجي سنڌ” جي عنوان سان 1 ڊسمبر تي ايڪتا عيد ملھائڻ جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن ان سلسلي ۾ قلندر جي نگري ۾ ايڪتا جا رنگ اڀري سامهون اچي ويا آهن مختلف سماجي سياسي ۽ قومپرست ۽ شھرين پاران ايڪتا جون ريليون ڪڍي نيشنل پريس ڪلب ڌمال چوڪ تي گڏ ٿي مک تقريب شرڪت ڪند جتي راڳ رنگ جي محفل بعد قلندر لعل شهباز جي مزارتي پهچي چادر چاڙهي سنڌ جي خوشحالي ۽ ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي سٿ لاءِ دعائون گهريون وينديون، ٻئي طرف ڪالهه به سنڌ گريجوئيٽ ائسوسيئيشن جي روشن تارا ھاءِ اسڪول سيوھڻ ۾ ايڪتا جي شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ شاگردن ايڪتا تقريب ۾ ثقافتي تقريرون ۽ قومي گيتن تي ٽيبلا ڌمال ۽ قومي گيت لطيف جي شاعري پيش ڪري تاڙين جو زبردست داد وصول ڪيو,ان موقعي تي تقريب جي ميزبان روشن تارا جي چيرمين نور محمد سيال ۽ مرڪزي اڳواڻن خالد چنا، پيرل خان کوسو، شهاب الدين شاهاڻي، وزير فرهاد سولنگي اسڪولي شاگردن ۽ ڄاڻايل سگا جي اڳواڻن نفرتن کان آجي سنڌ واري عنوان تي ڳالھائي سنڌ جي ثقافت کي ڀيٽا پيش ڪئي، هنن چيو ته اسان سنڌ واسي هن ڏهاڙي جي ڀرپور آجيان ڪريون ٿا ۽ اسان هن ڪاڄ جي اڳواڻ ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي سرواڻ علي قاضي کي سلام ڪرڻ سان گڏ جس پيش ڪريون ٿا ته اسان ثقافت کي اجاگر ڪرڻ سنڌ جي هوشو وارو نعرو بلند ڪيو ته مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون ۽ هن ڀيري جيڪو عنوان ڏنو آهي ته انتهاپسنديءَ کان آجي سنڌ واري موضوع جي آجيان ڪريو ٿا.