سيوهڻ (رپورٽ:اشرف عطار ) ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار پاران اعلانيل، انتهاپسنديءَ کان آجي سنڌ، جي سري هيٺ قلندر جي نگري ۾ پنهنجي ايڪتا جا رنگ نکري پيا ان حوالي سان قلندر جي نگري ۾ به گذريل رات ۽ ڪالھ ايس يو پي ۽ بوائز هاءِ اسڪول ۾ ڌار ڌار تقريبون منعقد ڪيون ويون جڏهن ته رات جي وقت سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي تعلقي سيوھڻ جي آفيس ۾ سيوهڻ جي تعلقي صدر نواز علي رند جي نگراني ۾ جاڳرتا تقريب منعقد ڪئي وئي ۽ هن ايڪتا واري تقريب ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي نائب صدر روشن علي ٻرڙو، سميت ٻين عهديدارن ۽ وڏي انگ ۾ ڪارڪنن ۽ شهرين سنڌ ثقافتي ويس پٽڪا ۽ ٽوپي اجرڪ پائي ايڪتا تقريب ۾ شرڪت ڪئي. مقامي صوفي فنڪار سيد ڪامران شاھ قلندري ڌمال ۽ قومي گيت ڳائي محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا جنهن ۾ ڪارڪنن پاران جهمريون پڻ هنيون ويون ان موقعي تي ڄاڻايل اڳواڻن ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته اسان هن ڪاڄ جي سرواڻ علي قاضي کي جس ٿا ڏيون جنهن سنڌ کي قومي عيد ملهائڻ لاءِ گڏ ڪيو. ٻئي پاسي بوائز ھاءِ اسڪول سيوھڻ ۾ ايڪتا جي شاندار تقريب ٿي، هيڊ ماستر غلام حيدرڪڇار،ايف اي عطا محمد لوڙهائي، هاءِ اسڪول استاد بچل ٻرڙو، علي نواز سولنگي ۽ يارمحمد ساکڙو جي نگرانيءَ ۾ تقريب ڪئي وئي جنهن جي شروعات ۾ شاگردن ايڪتا جي نالي واري زنجير ٺاهي نفرتن کان آجي سنڌ وارو وچن ورجايو ۽ بعد ۾ ثقافتي لباس پهري ٽوپي اجرڪ پٽڪا پهريل شاگردن ۽ استادن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جنهن ۾ اسڪولي شاگردن تقريرون ۽ قومي گيتن تي ٽيبلا پيش ڪري تاڙين جو زبردست داد وصول ڪيو ۽ استادن ۽ شاگردن پنهنجي تقريرن ۾ انتها پسندي کان آجي سنڌ واري عنوان تي ڳالھائي سنڌجي ثقافت کي ڀيٽا پيش ڪئي, جنهن ۾ هنن پنهنجي تقرير ۾ ڳالهائيندي چيو ته سنڌ اسان جي صوفين ۽ اولياءِ الله جي انسانيت سان محبت جو درس مليل آهي پر اسان هن موقعي تي سلام ٿا پيش ڪريون ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي باني محترم علي قاضي کي جنهن سنڌ جي ثقافت کي دنيا جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سڃاڻپ ڪرائي.