ڄامشورو/سيوهڻ(رپورٽ: ميرمرتضيٰ نوحاڻي/اشرف عطار) سيوهڻ ۾ حضرت لال شهباز قلندر جي 773 هين عرس مبارڪ جون تقريبون ڪالھه ٻئي ڏينهن به جاري رھيون. ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان پانڌيئڙن جو سيوھڻ آمد جو سلسلو به جاري رھيو. انتظاميا پاران 28 لک کان وڌيڪ ماڻهو پهچڻ جي دعويٰ ڪئي پئي وڃي. جڏھن ته قلندر جي نگري ۾ قلندري عقيدتمندن جو سمنڊ اٿلڻ ڪري شھر جي رونقن ۾ اضافو ٿي ويو آهي ۽ عقيدتتمند وڏي عقيدت ۽ جوش جذبي سان وڏا جلوس ڪڍي دم مست قلندر” جي صدائن سان درگاهه تي حاضري ڀريندا رهيا. ٻي ڌمال تي ماڻهن ڌمالون هنيون ۽ جلوسن جي صورت ۾ چادرون ھٿن ۾ کڻي مرد توڙي پير سن پنهنجي ٻارڙن سان گڏ قلندر جي روضي تي چاڙھي رقص ڪندا ۽ دعائون گھرندا رهيا، جڏهن ته قلندرجي ميلي تي  عقيدتمندن پاران ننگر نياز ڪرڻ واري سلسلي کي جاري رکيو ويو آهي. عرس مبارڪ جي موقعي تي وچين ڌمال تي سرڪاري سطع تي ثقافت کاتي پاران ٻئي ڏينهن به ڊائريڪٽر جنرل ثقافت جي اڳواڻي ۾ شهباز پبلڪ لائبريري جي احاطي ۾ محفل موسيقي جي تقريب منعقد ڪئي وئي. ساڳي ئي هنڌ هٿ جي هنر جا اسٽال ۽ مختلف اديبن پاران لکيل ڪتابن جا اسٽال پڻ لڳايا ويا آهن ثقافت کاتي پاران شھباز آڊيٽوريم ۾ منعقد ڪيل ادبي ڪانفرنس ۾ ملڪ جي ناليواري فنڪار صنم ماروي، ديبا سحر ۽  ٻين فن جو مظاهرو ڪيو ميلا گرائونڊ ۾ ملاکڙي جي تقريب منعقد ڪئي وئي جنھن ۾ ملھ پهلوانن شريڪ ٿي خوب زور آزمائي ڪري داد حاصل ڪيو. ٽن ڏينهن واري عرس مبارڪ ۾ سيڪورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آهن شھر جي داخلي ۽ خارجي رستن تي پوليس ۽ رينجرز جي اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي، ضلعي انتظاميا پاران زائرين کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ سيوهڻ شھر جي روڊ رستن تي پاڻي جون سبيلون لڳايون ويون آهن. چئرمين شهباز ميلا ڪميٽي ۽ ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر علي قادري پاران قلندر جي عرس جي ٻئي ڏهاڙي تي جيمخانا گرائونڊ تي ميڊيا کي پريس بريفنگ ڏني وئي جنهن ۾ ايس ايس پي ڄامشورو ظفر صديق ڇانگا، چيئرمين ميونسپل ڪميٽي سيد شهزاد حيدر شاهه، ڊائريڪٽر عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ ڊاڪٽر معين الدين صديقي، اسسٽنٽ ڪمشنر سيوهڻ وقاص ملوڪ پڻ موجود هئا. ان موقعي تي شهباز ميلا ڪاميٽي جي چئرمين غضنفر علي قادري ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو  آهي ته عرس مبارڪ جي ٻئي ڏينهن تائين انتظاميه ۽ پوليس سميت ٻين لاڳاپيل کاتن جي ڪارڪردگي قابل تعريف آهي ڇوته لال شهباز قلندر جا 28 لک کان وڌيڪ پانڌيئڙا سيوھڻ پھتل آهن جن کي هر ممڪن سهولتون مهيا ڪيون آهن. هن چيو ته عرس مبارڪ  دوران 30 کان وڌيڪ ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي زائرين کي علاج جي سهولتون مهيا ڪيون پيون وڃن. هن وقت تائين صورتحال ڪافي بهتر آهي، ڪجهه ڊائريا جا ڪيس داخل ٿيا هئا جيڪي صحتياب ٿي ويا آهن. هن چيو ته ماضي ۾ ٻڏي مرڻ جا ڪيس نظر ۾ رکندي، اڙل واهه ۽ دانستر واهه  ۾ وهنجڻ تي پابندي لاڳو ڪري عارضي شاور ۽ واش روم پڻ نصب ڪيا ويا آهن. جڏهن ته سيڪيورٽي جي حوالي سان 5 هزار کان وڌيڪ اهلڪارن کي سيڪيورٽي لاءِ 8 زون ۾ شامل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ٽريفڪ مينجمنٽ جا ڪجهه مسئلا ضرور هئا، جن تي ضابطو آندو ويو آهي. هن چيو ته صحت جي شعبي ۾ پي پي ايچ آءِ سيد عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز سيوهڻ جي طرفان پڻ سهولتون مهيا ڪيون ويون آهن. عرس مبارڪ جي دوران 7 ماڻهن جي طبعي وفات ٿي آهي، جن جا مڙهه انهن جي شهرن ڏانهن موڪليو ويو آهي. هڪ سوال تي انهن چيو ته پيئڻ جي پاڻي جي شڪايت ختم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن اقدام ڪيا ويا آهن. هن وقت سيوهڻ کي درياءَ سنڌ مان پاڻي جي فراهمي جو سلسلو جاري آهي. هڪ سوال تي هن چيو ته تمام جلد سيوهڻ لاءِ ماسٽر پلان تيار ڪري ان تي عمل ڪيو ويندو.

قلندر جي ميلي ۾ مختلف واقعن ۾ 10 پانڌيئڙا فوت ٿي ويا

سيوهڻ: سيوھڻ ۾ قلندر جي عرس مبارڪ جي ٻي ڌمال تي مختلف شھرن کان پھتل 10 پانڌيئڙا فوت ٿي ويا، ان حوالي سان سيد عبدالله شاھه انسٽيٽيوٽ انتظاميا پنهنجي موقف ۾ ڄاڻايو آهي ته قلندر جي ميلي دوران فوت ٿيل زائرين جو موت طبي طور ۽ مختلف بيمارين سبب ٿيو آهي جن جو تعلق پنجاب ۽ سنڌ مختلف شهرن سان آهي فوتين ۾ مسمات راڻي زال عبدالطيف ويٺل چينل، 35 ورهين جو لاڙڪاڻي واسي نديم، بابر خان ولد سردار خان پهلوان ويٺل راجن پور، محمد فاروق، شاهدين، علي رضا، سجاد، سڪندر، محمد خان ۽ ٻيا شامل آهن.

 

ميلي ۾ٻئي ڏينهن به ملاکڙو: پهلوانن جي دس دسان

سيوھڻ: صوفي بزرگ حضرت لال شهباز قلندر جي سالياني جاري عرس مبارڪ جي ٻئي ڏينهن سنڌ راندين واري کاتي جي اسپورٽس آفيسر مريم ڪيريو جي سربراهي ۾ ملاکڙي جي روايتي راند ٿي گذري، ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر علي قادري ايس ايس پي ڄامشورو محمد ظفر ڇانگا ۽ ٻين ٽن ڏينهن واريوزہ ملاکڙي جي مقابلن ۾ خاص طور شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ايس ايس پي ڄامشورو ملھ پهلوان گل حسن چانڊيو کي سرڪاري طور تي تعريفي سرٽيفڪيٽ به ڏنو. ملاکڙي ۾ گل حسن چانڊيو، تنوير ملاح، قربان هوٿيپوٽو، حضور بخش زرداري، سجاد لغاري، غلام حسين پٺاڻ، گل حسن چانڊيو، راهب شيدي ۽ ٻين پھلوانن شرڪت ڪري ميدان ۾ زور آزمائي ڪندي پهرين ٻئين ۽ ٽين جوڙ جي پهلوانن ۾ زبردست مقابلا ڪيا. ياد رهي ته اهو ملاکڙو عرس جا ٽئي ڏينهن جاري رهندو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر چيو تہ رانديون ڪنهن به ملڪ جي معاشرتي رواياتن ۽ ثقافت جي عڪاسي ڪندي ملڪ جي تهذيب ۽ ثقافت جي نمائندگي ڪري ٿو.

 

هيڏي رش ۾ اهڙا واقعا ٿيندا آهن: جيب ڪترن بابت ايس ايس پي جي عجيب منطق

سيوهڻ: ايس ايس پي محمد ظفر صديق چانگا قلندر جي ميلي جي بريفنگ دوران چيو آهي ته جيب ڪترن خلاف گهيرو تنگ ڪيو ويو آهي، تنهن هوندي به ايتري وڏي رش ۾ اهڙا واقعا پيش ايندا آهن، جن کي روڪڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي وڃي رهي آهي. ايس ايس پي محمد ظفر صديق چانگا چيو ته انڊس هاءِ وي تي هيوي ٽريفڪ روڪڻ لاءِ اقدام ڪيا ويا آهن. پوليس، اسپيشل برانچ ۽ ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا پنهنجا فرض خوش اسلوبي سان ادا ڪري رهيا آهن. انهن چيو ته هڪ جهيڙو ٿيو هو، جنهن جي حل لاءِ ڪوشش ڪري ڪافي حد تائين اهو مسئلو حل ڪيو ويو آهي. ميونسپل ڪميٽي سيوهڻ جي چئرمين سيد شھزاد حيدر شاهه به صحافين کي پنهنجي ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏني.

شهباز ميلا ڪاميٽي جي چيئرمين ۽ ڊي سي پاران فوڊ اٿارٽي جي ڪيمپ ۽ سبيلن جو دورو، سهولتن بابت ڄاڻ ورتي

ڄامشورو: چيئرمين شھباز ميلا ڪاميٽي ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر علي قادري سيد عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز اسپتال،سنڌ فوڊ اٿارٽي پاران لڳايل ڪئمپ سميت سبيلن جو دورو ڪيو، انهي موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر ٻڌايو ته پانڌيئڙن کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ دورو ڪري پانڌيئڙن کي فراهم ٿيندڙ علاج جي سهولتن بابت ڄاڻ ورتي ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته پانڌيئڙن کي سهولتون فراهم ڪرڻ انتظاميه جي اولين ترجيح آهي پانڌيئڙن کي عرس مبارڪ دوران معياري کاڌ خوراڪ جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سنڌ فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي پاران لڳايل ڪئمپ جو دورو ڪيو ويو.

پوليس رينجرز ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سيڪيورٽي لاءِ سخت انتظام ڪيا آهن: ڊي سي کي بريفنگ

ڄامشورو:ايس ايس پي ڄامشورو محمد ظفر صديق ڇانگا ڊپٽي ڪمشنر کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته پوليس رينجرز ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران پانڌيئڙن کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ سخت حفاظتي انتظام ڪيا ويا آهن،ٻئي ڏينهن به عرس مبارڪ جي نگراني ڪئي پئي وڃي ته جيئن ڪنهن به قسم جي اڻوڻندڙ واقعي کان بچي سگهجي.