سيوھڻ: شهباز آڊيٽوريم ۾ شهباز ادبي ڪانفرنس ۽ راڳ رهاڻ جي محفل منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ ڊائريڪٽر جنرل ثقافت منور علي مهيسر، ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر علي قادري، قاسم رينجرز جي برگيڊيئر اعجاز قاسم خصوصي طور شرڪت ڪئي.ادبي ڪانفرنس دوران پنهنجو صدارتي مقالو پيش ڪندي پروفيسر ڊاڪٽر رمضان بامري چيو ته قلندر غير الله کان پاڪ هوندو آهي هن چيو ته قلندر شهباز رح دين اسلام جي پرچار ڪئي آهي هو هڪ عارف، عابد ۽ شاعر هو، هن مطالبو ڪيو ته قلندر شهباز قلندر رح جي شاعري کي تدريسي نصاب ۾ شامل ڪري نئين نسل کي آگاهي ڏني وڃي. ڊائريڪٽر جنرل ثقافت منور علي مهيسر چيو ته معاشري منفي رجحانن کي ختم ڪرڻ لاء ضروري آهي ته صوفين جي پيغام کي عام ڪيو وڃي ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر علي قادري چيو ته اسان سڀني کي لال شهباز قلندر جي پيغام تي عمل پيرا ٿي ظلم خلاف آواز اٿارڻ گهرجي ته جيئن اسان پنهنجي معاشري مان منفي رجحانن جو خاتمو آڻي سگهون، ڊاڪٽر سڪينه سمون چيو ته لال شهباز قلندر قلندر رح اهڙن بزرگن مان جن جو نسب امام جعفر صادق عليه السلام سان ملي توڙي جو هو حضرت اسماعيل عليه السلام جو اولاد منجهان هئا پر هو ٻارهن امامن جي اطاعت جو قائل هو. مدد علي سنڌي پنهنجو مقالو پيش ڪندي مطالبو ڪيو ته قلندر جي پراڻي مزار جا قطبه هٿ ڪري وري ٻيهر لڳايا وڃن ڊاڪٽر شير مهراڻي مقالو پيش ڪندي چيو ته لال شهباز قلندر رح جي شخصيت انهي ڪري وڌيڪ قدآور ٿي وڃي ٿي جو هو هڪ شاعر هو ۽ وقت جا بزرگ شاعري کي ذريعو بڻائي حق ۽ سچ جو درس ڏيندا هئا.ڊپٽي ڪمشنر دادو مختيار علي ابڙو چيو ته تاريخ ۾ وڏا ڪوڙ هنيا ويا آهن اهو ڪوڙ آهي ته سنڌ جا نوجوان ميلن ۾ راڳ ٻڌڻ ٿا اچن بلڪه سچ اهو آهي ته سنڌ جا نوجوان شهباز قلندر رح ۽ شاه عبداللطيف ڀٽائي جو پيغام ٻڌڻ ٿا اچن تاريخ جي ڪوڙن کي سامهون رکي سوچو ته هڪ دفعو وري توهان دنيا جي امامت ڪري سگهو ٿا. نامور محقق پروفيسر ساجده پروين چيو ته اسان جي تاريخ ۾ ملي ٿو ته دنيا ۾ ڪيترائي ڪوس ٿيل آهن جن جيڪري ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا اهڙي معاشري کي سڌارڻ لاءِ قلندر لال شهباز رح جهڙا انسان پيدا ٿيا. مير حاجن مير مقالي ۾ چيو ته سيوهڻ شريف ۾ ڪيترائي مدرسه هئا جن ۾ قاضيء شريف الدين، مخدوم عبدالڪريم بوبڪائي ، مخدوم عبدالواحد سيوستاني، ٽلٽي ۾ مخدوم بلاول جو مدرسو شامل هئا جن مان هزارين شاگردن تعليم حاصل ڪئي. بلوچستان مان آيل محقق محمود ابڙو، ڊاڪٽر قدير ڪانڌڙو، انور ساگر ڪانڌڙو، پروفيسر عزيز قاسماڻي ۽ ٻين به مقالا پيش ڪيا.
سنڌ جي تاريخ 5 ھزار سال پراڻي آھي! ثقافت وارو وزير
سيوهڻ: صوبائي وزير ثقافت سيد ذوالفقار علي شاھ شھباز آڊيٽوريم سيوھڻ ۾ منعقد ڪيل ادبي ڪانفرنس ۽ راڳ رنگ جي محفل ۾ خاص مھمان طور خطاب ڪندي چيو ته قلندر جي ڌرتي سان اسان جو پراڻو رشتو آھي. پارٽي قيادت جو ٿورائتو آھيان جن مونکي ثقافت جو قلمدان ڏنو آھي. پنجاب ۽ بلوچستان جا زائرين به ھتي پھتل آھن مان انھن کي به ڀليڪار چوان ٿو ڇو جو سنڌ صوفين جي ڌرتي آھي هن چيو ته سنڌ جي تاريخ 5 ھزار سال پراڻي آھي ۽ ڪڏھن به ڪنھن سنڌيءَ ھٿ ۾ ھٿيار ناھي کنيو جڏھن قلندر لعل جي مزار تي بم ڌماڪو ٿيو تڏھن به لعل شهباز جي پانڌيئڙا نه رڪيا اڄ به لعل تي لکين زائرين پھچي ڌمالون ھڻن ٿا سائين جي ايم سيد به ھن علائقي جو وڏو نالو آھي ثقافت کاتو سنڌ اندر ھر ثقافتي پروگرام نه رڳو مدد ڪندو پر وس آھر سندن مالي سهائتا به ڪندو.
قلندر جي ميلي جي آخري ڌمال تي ملاکڙو، ملهه پوئين مقابلو سخت
سيوهڻ(ن پ ا) عظيم اولياء الله ۽ مشھور بزرگ حضرت لعل شهباز قلندر جي ٽن ڏينھن واري عرس مبارڪ جي آخري ڏينهن پڻ سيوھڻ جي ملاکڙا گرائونڊ ۾ اسپورٽس اينڊ يوٿ افيئرس پاران ملھ پھلوانن پاران زور آزمائي جا جوھر ڏيکاريا ويا, ملاکڙي ۾ اسپورٽس کاتي پاران ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد ۽ ڊي آئي جي حيدرآباد کي بوسڪي جا پٽڪا ۽ اجرڪ پارايا ويا، جڏهن ته عرس مبارڪ جي ٽن ڏينهن واري سنڌ جي روايتي راند ملاکڙي ۾ بھترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙن کي ڪمشنر حيدرآباد ۽ ڊي آئي جي حيدرآباد ڊپٽي ڊائريڪٽر اسپورٽس حيدرآباد مريم ڪيريو، اسپورٽس آفيسر مظھر خاصخيلي، ۽ ملھ آرگنائيزر سڪندر چانڊيو کي شيلڊون ڏنيون ويون، ان موقعي تي ڊائريڪٽر اسپورٽس حيدرآباد امداد علي ابڙو، رئيس بابر ڪيريو، سيد گل محمد شاه، موسي روڌراڻي سميت سنڌ ۽ پنجاب جا ملھ پھلوانن ۽ شائقين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ملھ مقابلي ۾ پھرين جوڙ جي ملھ پھلوان گل منير ملاح پھرين پوزيشن ماڻي ان سميت ٻين پوزيشن ۽ ٽين پوزيشن ماڻيندڙ ڪامياب ملھ پھلوانن کي اسپورٽ آفيسر مظھر الدين خاصخيلي بوسڪي جو پٽڪا ٻڌرايا ۽ ايوارڊ سميت ڪيش انعام پڻ ڏنا.
ميلي جي پڄاڻيءَ تي راڳ رنگ جي محفل، وقار ملاح، تاج مستاني، صنم ماروي ماڻهو جهومايا
سيوهن : حضرت لال شهباز قلندر رح جي 773هين عرس مبارڪ جي ٽئين رات شھباز آڊيٽوريم راڳ رنگ جي محفل جاري رهي، جنهن ۾ وقار ملاح، تاج مستاني ۽ صنم ماروي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري شرڪت ڪندڙن کان داد وصول ڪيو. تقريب دوران ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو پاران صوبائي وزير رياض حسين شاهه شيرازي، اڳوڻي ايم اين سڪندر راھپوٽو، ڪمشنر حيدرآباد بلال احمد ميمڻ، ڊي آئي جي حيدرآباد طارق رزاق ڌاريجو، نيوي ڪرنل فيصل، ايس ايس پي اسپيشل برانچ سيد عامر شاه، اسسٽنٽ ڪمشنر سيوھڻ وقاص ملوڪ، احمد بخش راھوجو ۽ ٻين عملدارن ۾ يادگار شيلڊون ۽ ايوارڊ ورهايا.
قلندر جي عرس تي لعل داس جي ڪافي تان فقير آسن گل پاران ميندي جي رسم ادا
سيوھڻ: حضرت سخي لعل شھباز قلندر جي عرس مبارڪ جي ٽئي ڏھاڙي تي لعل داس جي ڪافي تان فقير آسن گل پاران درگاھ قلندر ميندي آڻڻ جي رسم ادا ڪئي وئي جنهن ۾ مختلف ڪافين جي سرگروھن سميت وڏي انگ ۾ فقيرن ۽ شھرين ۽ عقيدتمندن شرڪت ڪئي.
سيوهڻ ۾ قلندر جي ميلي تي آيل پنجاب واسي پراسرار نموني گم
سيوهڻ(ن پ ا ) لال شهباز قلندر جي ميلي تي آيل فيصل آباد واسي پانڌيئڙو 48 ورهين جو خالد محمود ولد محمد صديق پراسرار نموني گم ٿي ويو آهي. سندس ڀاءُ شاھ محمود نيشنل پريس ڪلب سيوهڻ پهچي صحافين کي ٻڌايو ته اسان فيصل آباد جي علام اقبال ڪالوني منڊي ڪوارٽر جا رهائشي آهيون ۽ اسان عرس مبارڪ کان هڪ ڏينهن اڳ سيوهڻ پهتا هئاسين ته منهنجو ڀاءُ جيئن ئي ٻاهر نڪري ويو ته هو لاپتا ٿي ويو ۽ ٽن ڏينهن کان واپس ناهي پهتو اسان گذريل ٽن ڏينهن کان شهر جي مختلف هنڌن تي سندس ڳولا ڪئي آهي ۽ اطلاع لاءِ سيوهڻ ٿاڻي تي به ويا آهيون پر ڪو ڏس پتو نٿو ملي سندس جو دماغي حالت بهتر آهي ۽ ميلي تي اسان سان گڏ آيل مائٽ ۽ دوست ڏاڍا پريشان آهيون. هن ايس ايس ايس پي ڄامشورو ضلعي انتظاميا ۽ اعلئ اختيارن کي اپيل ڪندي چيو ته منهنجي ڀاءُ جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي ته جيئن اسان پنهنجي شهر واپس روانا ٿي سگهون،