سيوهڻ(رپورٽ:اشرف عطار )صوفي بزرگ  حضرت سخي لعل شهباز قلندر جو 772 هون ساليانو عرس مبارڪ اڄ کان شروع ٿي ويو، تياريون مڪمل ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان لکين عقيدتمند پانديئڙا سيوهڻ پھچي ويا آھن جنھن ۾ سنڌ صوبي سان گڏ پنجاب صوبي جي مختلف ضلعن جي پانڌيئڙن جو وڏو انگ شامل آھي قلندر جي نگري جي ھر گھٽي ۽ رستن تي زائرين دھلن تي قلندري دھمالون ھڻي دمادم مست قلندر جون صدائون بلند ڪندي پنھجي عقيدت جو اظهار ڪري رھيا آھن ۽ مقدس نگري ۾  دوڪانداري پڻ سجائي وئي آھي جڏهن ته  شھر اندر ننڍن وڏن مختلف ڪاروباري ماڻھن پاران دڪانن واري بازارن کي سجايو ويو آھي جنھن سبب شھر خوبصورتي جو ڏيک ڏيڻ لڳو آهي جڏهن ته ميلي اندر جھولا، سرڪس، ڦرڻيون ۽ موت جا کوھ به ميلي جو مرڪز بڻيل آهن ٻئي طرف درگاھ قلندر لعل شھباز جي مزار کي رنگين بلبن سان چراغان سان سجايو ويو آهي  جڏھن ته شھر اندر سيڪيورٽي جا انتظام انتھائي سخت ڪيا ويا آهن وڏي تعداد ۾ پوليس اهلڪارن سان گڏ رينجرس اسپيشل برانچ، ڊي آئي پي برانچ سميت قانون لاڳو ڪندڙ ادارا سيوهڻ ۾ ڊيوٽي سر انجام ڏيڻ لاءِ پھچي ويا آھن ۽ شھر جي مختلف چونڪن تي پوليس پڪٽون قائم ڪيون ويون آھن ۽ زائرين جي چيڪنگ واري عمل ۾ تيزي پڻ آندي وئي آھي ۽ شھر اندر رينجرس ۽ پوليس موبائلن جو گشت به جاري آهي. گورنر سنڌ ڪامران ٽسوري چادر چاڙهڻ واري رسم ادا ڪرڻ لاء سيوھڻ پھچڻ جا امڪان آھن جڏھن ته ميلا ڪاميٽي انتظاميا پاران پھرين ڌمال کان آخري ڌمال  تائين ملاکڙو جاري رھندو ۽ شھباز آڊيٽوريم ۾ پھرين ڌمال واري رات تي سگھڙن جي ڪچھري 2 ڌمال تي ادبي ڪانفرنس ۽ آخري ڌمال واري رات تي محفل موسيقي جو پروگرام رکيو ويو آھي جنھن ۾ سنڌ جا نالي وارا فنڪار ۽ فنڪارائون پنھنجي فن جو مظاهرو ڪندا ۽ ميلي جي ٽنھي ڌمالن تي بھترين ڪارڪردگي جي بنياد تي شھباز ايوارڊ پڻ ڏنا ويندا.