سيوهڻ(رپورٽ: اشرف عطار) صوفي بزرگ حضرت سخي لعل شهباز قلندر جو 773 هون ساليانو عرس مبارڪ اڄ سومر کان شروع ٿي ويو، تياريون مڪمل ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان لکين عقيدتمند پانديئڙا سيوهڻ پھچي ويا آھن جنھن ۾ سنڌ صوبي سان گڏ پنجاب صوبي جي مختلف ضلعن جي پانڌيئڙن جو وڏو انگ شامل آھي قلندر جي نگري جي ھر گھٽي ۽ رستن تي زائرين دھلن تي قلندري دھمالون ھڻي دمادم مست قلندر جون صدائون بلند ڪندي پنھجي عقيدت جو اظهار ڪري رھيا آھن ۽ مقدس نگري ۾ دوڪانداري پڻ سجائي وئي آھي جڏهن ته شھر اندر ننڍن وڏن مختلف ڪاروباري ماڻھن پاران دڪانن واري بازارن کي سجايو ويو آھي جنھن سبب شھر خوبصورتي جو ڏيک ڏيڻ لڳو آهي جڏهن ته ميلي اندر جھولا، سرڪس، ڦرڻيون ۽ موت جا کوھ به ميلي جو مرڪز بڻيل آهن ٻئي طرف درگاھ قلندر لعل شھباز جي مزار کي رنگين بلبن سان چراغان سان سجايو ويو آهي جڏھن ته شھر اندر سيڪيورٽي جا انتظام انتھائي سخت ڪيا ويا آهن وڏي تعداد ۾ پوليس اهلڪارن سان گڏ رينجرس اسپيشل برانچ، ڊي آئي پي برانچ سميت قانون لاڳو ڪندڙ ادارا سيوهڻ ۾ ڊيوٽي سر انجام ڏيڻ لاءِ پھچي ويا آھن ۽ شھر جي مختلف چونڪن تي پوليس پڪٽون قائم ڪيون ويون آھن ۽ زائرين جي چيڪنگ واري عمل ۾ تيزي پڻ آندي وئي آھي ۽ شھر اندر رينجرز ۽ پوليس موبائلن جو گشت به جاري آهي.
گورنر سنڌ ڪامران ٽسوري مزار تي چادر چاڙھي ميلي جو افتتاح ڪندو
سيوھڻ: حضرت لعل شھباز قلندر جو 773 ھين عرس مبارڪ جي شروعات اڄ گورنر سنڌ ڪامران ٽسوري پاران مزار تي چادر چاڙھي ڪرڻ جو امڪان آهي ڄاڻو ذريعن موجب گورنر سنڌ جي سيوھڻ نه اچڻ جي صورت ۾ اسپيڪر سنڌ اسيمبلي اويس قادر شاهه قلندر جي عرس جو افتتاح ڪندو جڏھن ته ميلا ڪاميٽي انتظاميا پاران پھرين ڌمال کان آخري ڌمال تائين ملاکڙو جاري رھندو ۽ شھباز آڊيٽوريم ۾ پھرين ڌمال واري رات تي سگھڙن جي ڪچھري 2 ڌمال تي ادبي ڪانفرنس ۽ آخري ڌمال واري رات تي محفل موسيقي جو پروگرام رکيو ويو آھي جنھن ۾ سنڌ جا نالي وارا فنڪار ۽ فنڪارائون پنھنجي فن جو مظاهرو ڪندا ۽ ميلي جي ٽنھي ڌمالن تي بھترين ڪارڪردگي جي بنياد تي شھباز ايوارڊ پڻ ڏنا ويندا.
گهرو وزير پاران قلندر جي ميلي دوران سيڪيورٽي سخت ڪرڻ جو حڪم
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار پوليس کي حڪم ڏنو آهي ته قلندر لعل شهباز جي 773 هين عرس جي موقعي تي غير معمولي سيڪيورٽي اپاءَ ورتا وڃن، سيڪيورٽي تي مقرر ڪيل سڀني آفيسرن ۽ سپاهين کي سيڪيورٽي ڊيوٽين بابت بريفنگ ڏني وڃي، ٽن ڏينهن واري عرس ۾ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان وڏي تعداد ۾ زائرين ۽ عقيدتمند شرڪت ڪري رهيا آهن، انهن کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل ادارن سان مسلسل رابطي کي يقيني بڻايو وڃي، سنڌ جي سڀني داخلي ۽ خارجي رستن تي پوليس گشت، پڪٽس، ناڪا بندي ۽ سخت نگراني کي يقيني بڻايو وڃي، سنڌ ۽ ٻين صوبن مان ايندڙ قافلن کي ضلعي سطح تي سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي، عرس دوران سيڪيورٽي، طبي سهولتن، ٽريفڪ مئنيجمينٽ ۽ عوامي خدمتن تي خاص ڌيان ڏنو وڃي، درگاهه جي چوڌاري پينو فقيرن ۽ حددخلين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، درگاهه جي داخلي دروازن تي نصب ٿيل واڪ ٿرو گيٽس، ميٽل ڊيٽيڪٽرز ۽ بايوميٽرڪ تصديق سسٽم ۾ هر ممڪن مدد ۽ تعاون کي يقيني بڻايو وڃي، عرس دوران سي سي ٽي وي مانيٽرنگ ۽ انٽيليجنس ٽيمن کي هاءِ الرٽ ۽ تيار رکيو وڃي.
سيوهڻ کي 8 زون ۾ ورهايو ويو، 200 کان وڌيڪ سي سي ٽي وي ڪئميرائون نصب
سيوھڻ: لعل شهباز جي 773 هين سالياني عرس مبارڪ ۾ پوليس سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن سيوهڻ شھر کي 8 زون ۾ ورهايو ويو آهي، عرس مبارڪ ۾ ايس ايس پي ڄامشورو ظفر صديق ڇهانگا جي سربراهي ۾ 5000 پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا ۽ سيڪيورٽي جي لاءِ 2 اي ايس پي 26 ڊي ايس پي 60 انسپڪٽر، 146 سب انسپيڪٽر ۽ 345 اي ايس آئيز ڊيوٽي تي موجود هوندا ،جڏهن ته شھر اندر 200 کان وڌيڪ سي سي ٽي وي ڪئميرائون لڳايون ويون آهن جنھن جو ڪنٽرول روم پڻ قائم ڪيو ويو آهي جڏھن ته زائرين کي مزار اندر داخل ٿيڻ لاء واڪ ٿرو گيٽ لڳايا ويا آهن.ضلعي انتظاميا پاران عرس دوران انڊس هاءِ وي روڊ تي هيوي ٽريفڪ تي 144 لاڳو ڪندي مڪمل پابندي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته درياهن ۽ شاخن تي زائرين کي وھنجڻ کان روڪڻ لاءِ ساڳيو ئي قلم رکيو ويو آهي.
صحت جون سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ 32 ميڊيڪل ڪئمپون قائم
سيوھڻ: ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر علي قادري حضرت لال شهباز قلندر رح جي ٽن ڏينهن واري عرس دوران پانڌيئڙن کي صحت جون سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ قائم ڪيل طبي ڪئمپن جو دورو ڪيو. دوري دوران ڊي سي ڄامشورو صحت کاتي، پي پي ايڇ آئي ۽ سيد عبدالله شاهه ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ سيوهڻ پاران لڳايل ڪئمپن جو معائنو ڪري پانڌيئڙن کان صحت جون سهولتون فراهم ڪراڻ لاءِ ڪيل انتظامن بابت ڄاڻ ورتي. ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڄامشورو ڊاڪٽر عبدالحميد کونھارو اسسٽنٽ ڪمشنر سيوھڻ وقاص ملوڪ ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار پڻ ساڻس گڏ هئا. ڊي سي ڄامشورو لاڳاپيل آفيسرن کي سختي سان هدايتون ڏنيون ته عرس مبارڪ تي ايندڙ پانڌيئڙن کي علاج جون هر ممڪن سهولتون مهيا ڪيون وڃن. ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو چيو ته عرس مبارڪ جي موقعي تي عقيدت مندن کي صحت جون سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ 32 ميڊيڪل ڪئمپ قائم ڪيا ويا آهن. انهن ڪئمپن جو بنيادي مقصد زائرين کي مفت علاج، مهيا ڪرڻ آهي جڏهن ته ڪئمپن ۾ ضروري دوائون ڊاڪٽر ۽ پيراميڊڪل اسٽاف جي موجودگي کي پڻ يقيني بڻايو ويو آهي. ٻئي پاسي ڊپٽي ڪمشنر غضنفر علي قادري سيوهڻ ۾ قائم ڪيل مرڪزي سي سي ٽي وي ڪنٽرول روم جو دوري ڪري لاڳاپيل عملدارن کان معلومات حاصل ڪئي.