قلات/اسلام آباد(م ڊ) قلات جي علائقي توغو ڇپر هٿياربندن ليويز چوڪي تي حملو ڪري ڏنو جنهن سبب هڪ ليويز اهلڪار شهيد ۽ 2 زخمي ٿي پيا، زخمي اهلڪارن کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال قلات ۾ شروعاتي طبي امداد کانپوءِ ڪوئيٽا منتقل ڪيو ويو. شهيد اهلڪار جي ڪانسٽيبل علي نواز لانگو طور سڃاڻپ ٿي آهي، ڪانسٽيبل غلام علي ۽ محمد ايوب زخمي ٿيا، واقعي کانپوءِ ليويز فورس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي وئي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو. هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف دهشتگرد حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن جا ناپاڪ ارادا ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، دهشتگرد بلوچستان جي ترقي جا دشمن آهن.