قلات / ڪوئيٽا / اسلام آباد (م ڊ) قلات ۾ سيڪيورٽي فورسز تي دهشتگردن جي حملي ۾ 7 اهلڪار شهيد ٿي ويا. سيڪيورٽي ذريعن موجب قلات ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪيمپ تي دهشتگردن حملو ڪيو، جنهن کانپوءِ وڏي نفري اتي پهچي وئي ۽ علائقي جو گهيرو ڪري ورتو. شاهه مردان چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جي حملي ۾ 7 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ۽ 15 زخمي ٿي پيا. هوڏانهن وزيراعظم شهبازشريف، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران قلات حملي جي مذمت ڪئي وئي، وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته دهشتگردن جو هٿئين خالي شهرين تي بزدلاڻو حملو مذمت جوڳو آهي، ڏڦيڙ ۽ بدامني پکيڙيندڙ عنصر  بلوچستان جي ماڻهن جي ترقي جا دشمن آهن، اهڙيون ڪريل حرڪتون حڪومت جي بلوچستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي عزم کي ختم نٿيون ڪري سگهن، دهشتگردن جا بزدلاڻا حملا بهادر قوم جا حوصلا خطا نٿا ڪري سگهن، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به قلات حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ملڪ خاطر قرباني ڏيندڙ جوان قوم جي دلين ۾ هميشه زندهه رهندا، پ پ سمورن قسمن جي دهشتگردي جي مذمت ڪري ٿي، اهڙيون ڪارروايون قومي عزم ڪمزور نٿيون ڪري سگهن، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته شهيدن جي قربانين کي هميشه ياد رکيو ويندو، شهيد اسان جو فخر آهن، لازوال قربانين جو قرض ڪڏهن به نه ٿو لاهي سگهجي، قلات ۾ چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جي حملي ۾ 7 اهلڪار شهيد ۽ 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا