دوحا (م ڊ) قطر جي عدالت اسرائيل لاءِ جاسوسي ڪرڻ جي الزام هيٺ ڀارتي سامونڊي فوج جي 8 اهلڪارن کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب ڀارتي حڪومت قطر ۾ ڀارتين کي موت جي سزا ملڻ تي تصديق ڪري ڇڏي آهي. ڀارت جو چوڻ آهي ته فيصلي جي تفصيلن جو انتظار آهي، معاملي کي قطري اختيارين سان اٿارينداسين. ڀارتي پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته قطر جي ڪمپني ۾ ڪندڙ 8 ڀارتي شهرين کي قطر جي عدالت موت جي سزا ٻڌائي آهي، فيصلي سبب گھري صدمي ۾ آهيون، عدالت جي تفصيلي فيصلي جو انتظار ڪري رهيا آهيون. رپورٽ موجب سزا ماڻيندڙ جوابدارن ۾ ڀارتي سامونڊي فوج جو اڳوڻو آفيسر ڪيپٽن نوتيج سنگهه گل، برندرا ڪمار ورما، سوراڀ وشست ۽ ٻيا شامل آهن.