دوحه (م ڊ) قطر غزه ۾ جنگبندي لاءِ ٽياڪڙي تان هٿ کڻي حماس کي دوحه ۾ سياسي آفيسن جي حوالي سان به خبردار ڪري ڇڏيو. پرڏيهي خابرو ايجنسي موجب سفارتي ذريعن جو چوڻ آهي ته قطر غزه ۾ جنگبندي ۽ يرغمال ماڻهن جي آزادي لاءِ بطور بنيادي ٽياڪڙ جي حيثيت تان هٿ کڻي ويو آهي. رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته قطر حماس کي چيو آهي ته هو پنهنجيون سياسي آفيسون به وڌيڪ سرگرمين لاءِ استعمال نه ڪري سگهندو. سڃاڻپ نه ڪرڻ جي شرط تي سفارتي ذريعن ٻڌايو ته قطري عملدارن اسرائيل ۽ حماس ٻنهي ڌرين کي آگاهه ڪيو آهي ته خيرسگالي طور تي معاهدي لاءِ ڳالهين جي انڪار سبب هاڻي اهي وڌيڪ ٽياڪڙي نٿا ڪري سگهن.