قضيو  ڪربلا جو ۽  آليون اکيون

0
76
 قضيو  ڪربلا جو ۽  آليون اکيون

                 ايڪهٺين ھجري جي محرم جو چنڊ شام جي لهندڙ ڳاڙهي سج کان پوءِ آسمان تي نمودار ٿئي ٿو، امامن جو قافلو ڪوفي لاءِ سنبري، روانو ٿئي ٿو ڇاڪاڻ ته ڪوفي جي ماڻھن بار بار امام حسين ع جن کي خط لکي اها التجا پئي ڪئي ته سائين جن اسان وٽ مهرباني ڪري اچن ته اسان سندن بيعت ڪريون ڇاڪاڻ  ته هو يزيد جي ڪوڙي خلافت مان بيزار آھن، اها ان صدي جي هڪ منافق ٽولي جي  وڏي سازش ھئي.

ڪوفين ڪاغذ لکيو ، وچ وجهي الله

اسين تابع تنهنجي ،تون اسان جو شاهه

هيڪر هيڏي آءُ ، ته تخت تابيني تنهنجي

                 آخر ڪوفين جي گهڻي اسرار تي حضرت امام حسين پنهنجي ساٿين سميت ڪوفي ڏانهن روانا ٿين ٿا، پاڪ بيبيون، معصوم ٻارڙا، ڊگهو سفر: سفر جون تڪليفون ٿڪ ، نيٺ امام عالي مقام جن جڏھن بابل جي سرحد تي پهچن ٿا ته کين معلوم ٿئي ٿو ته ڪوفي ڦري يزيد جا حمايتي ٿيا آھن. امام حسين ع جن جو قافلو جڏھن ڪربلا جي رڻ  ۾ پهچي ٿو ته سندن گهوڙو  ذوالجناح اڳيان هلڻ کان لنوائڻ لڳي ٿو، امام عالي مقام ان وقت الله اڪبر چئي فرمائڻ لڳن ٿا؛هي زمين ڪربلا جي آھي جتي مظلومن جو خون وهڻو آھي؛  امام حسين ع جن آخرڪار اتي ئي خيما کوڙين ٿا يزيد ملعون،امام حسين ع جي خاندان ۽ سندس ساٿين جو پاڻي بند ڪرائي ڇڏي ٿو. امام حسين ع جي خاندان ۾ معصوم ٻارڙا ۽ پاڪ بيبيون اڃ ۾ تڙپنديون رهن ٿيون،  هڪ پاسي يزيد ملعون جي هزارن جي تعداد ۾ فوج ٻي پاسي امام عالي مقام حضرت حسين جا چند ساٿي ڪربلا جي رڻ ۾ ڀاري فوج کي سامهون حق ۽ سچ لاءِ جهيڙيندا رهن ٿا .

هوڏانهن هنن هاڪاريو ، هيڏھن هي هڻن

سرنايو نه ۽ سنڌڙا ٻنهي پاسي ٻرن

گهوڙن ۽ گهوٽن ، رڻ ۾ لانئون لڌيون

جنگ هلندي رهي امام حسين ع جا ساٿي جام شهادت نوش ڪندا ويا آخر ۾ امام حسين ع جا پٽ ۽ ڀائٽيا شهزادا وڃي بچيا، نيٺ امام قاسم ع، غازي عباس ع، معصوم  امام علي اصغرع، امام علي اڪبرع سميت ڪيترائي شھزادا جڏھن ڪربلا جي تتل رڻ ۾ حق ،سچ ۽ رسول الله صلعم جن جي ڏسيل راهه تي  هلندي پنهنجي قيمتي جانين جو نظرانو ڏيئي چڪا هئا ته آخر ۾  امام حسين ع خيمن مان موڪلائي جنگ جي ميدان ۾ ڪاهيائون وڏي ويڙھاند کان پوءِ پاڻ به وڃي الله جي حضور ۾ حاضر ٿيا.

ڏاڙھي رت رتياس ڏند ته ڏاڙھون گل جيئن

چوڏھين ماه چنڊ جيئن ، پڙ۾ پاڳڙياس

ميڙي ۾  محمد جي مر مرڪي ماس

 تنهن سورهيه کي شاباس ، جو مٿي پڙ پرزا ٿئي

انساني تاريخ ۾ حق ۽ سچ تي هلندڙ سورهين جي هيءَ وڏي ۾ وڏي آزمائش ھئي ۽ اهڙي آزمائش  اسلامي ۽ انساني تاريخ ۾ نه ٿي ملي، جيتوڻيڪ دنيا ۾ آڳاٽي زماني ۾ نبين تي آزمائشون ضرور آيون ليڪن اهي پيغمبر انفرادي طور مشڪلاتن ۾ آيا ۽ تڪليفون برداشت ڪيون. نبي حضرت محمد صلعم جن جي ڏوهٽن ۽ انهن جي خاندان تي جيڪا آزمائش آئي ان جو  درد ، نه فقط هڪ زماني ۾  ماتم جوروپ وٺي دردن کي جهڪو ڪرڻ جو ذريعو رهيو آھي، ليڪن ڪيئي صديون گذرڻ بعد به اهو درد ڪروڙين دلين ۾  نئين پڪار سان گونجندو رهي ٿو.   هر سال محرم جي مهيني اچڻ سان ڪربلا جي قضئي جا ڦٽ نئين سر چڪي پوندا آھن.

ڪامل ڪربلا ۾ ، آيا جنگ جوان

ڌرتي ڌٻي لرزي ،ٿر ٿليا آسمان

ڪره هئي ڪانه هو نظارو نينهن جو

امام حسين ع  ۽ سندن ساٿين  جي قرباني بهادري ، همت، جرئت ، حق سچ جي حاصلات  ۽ زندگي جي حقيقي ڪارج جو اهو اعليٰ نمونو ۽ انساني تاريخ جو وڏي ۾ وڏو مثال آھي. امام عالي مقام حضرت حسين ع جن  باطل اڳيان نه جهڪي نه فقط حق ۽ سچ کي هڪ نئين سڃاڻپ ڏنائون گڏوگڏ اسلام ۽ زنده ضمير کي بلند آواز جو گونج به بخشي ويا، اها گونج ڪربلا جي جهونجهارڪي جهڳڙي کان وٺي جنهن ۾ رت جا ريلا وهيا هئا پوءِ به سپوت سورهين ان منزل کي آسان سمجهيو هو.  ان وقت کان وٺي اڄ تائين حق ۽ سچ جي سر بلندي خاطر گونجندي رهي ٿي، اهو مثال انهن مظلومن لاءِ اونداهي ۾ ڏيئي جيان اڄ به روشني وانگي رهيو آھي.

پاونگ اڀو پڙ ۾،ھڻي هزاري هول

جوهر ۽ جڙا سين ڪامل سر ڪنگول

رتو رت رتول، مولهيو مير حسين جو

هونئن به انساني زندگي ٿورن ڏينهن لاءِ آهي محلن ۾ ھوندي به هو مري وڃڻو آھي ته عام رواجي طرح رهندي به کيس دارالبقا ڏي وڃڻو آھي پر جيڪڏھن سچ ۽ حق خاطر  ڪنهن جنگ جي ميدان ۾  ڪنهن شينهن جيان گجندي تيرن تلوارن گولين ۽ بارودن سامهون ڪو بهادر  سينو ساهي پهنجي جان گنوائي ٿو ته اها زندگي نه فقط حقيقي سڦلتا ماڻي ٿي پر اهو سورمو تاريخ ۾ پوئين نسلن لاءِ ھمت ۽ حوصلي جو ڪرڻو بڻجي وڃي ٿو.

مر مرين آئون روئان ، موٽي آءَ م ڪانڌ

ڪچن وڏا پاند ، جيئڻ ٿورا ڏينهڙا

ڪربلا جون شھادتون ۽ سختيون الاهي عشق جو اهڃاڻ آھن، امام حسين ع جن ۽ سندن عظيم خاندان شھادت جو اعليٰ مقام ماڻي نه فقط دين الاهي زنده ڪري ويا پر صدين تائين پاڻ به زنده ضمير دلين ۾ زنده رهيا آھن ۽ زنده رهندا ان کي ئي زندگي جي حقيقي حاصلات چئجي ٿو

سختي شھادت جي ،مڙوئي ملار

 ذرو ناهي يزيد کي ، اي عشق جو اثار

ڪسڻ جو قرار ، اصل امامن سين

امام حسين ع ۽ سندس خاندان جي شهادتن جي ڏک کي جهڪو ڪرڻ جو بهتر طريقو اهو آھي ته سندن عظيم ڪردار جي پوئواري ڪئي وڃي ۽ سندن  حڪمن تي سختي سان عمل ڪيو وڃي ۽ دنيا ۾ ھر ظالم سامهون حق ۽ سچ خاطر  همت، بهادري۽ حوصلي سان اوچي ڳاٽ زندگي گذارجي، جيڪڏهن ان سامهون ٿيڻ جي نوعيت اچي ته بهادري سان ان جو ڀرپور مقابلو ڪجي،ڇاڪاڻ ته جوڌا زندگي جي عظيم حصول خاطر جام شھادت پي زندگي جي حقيقي حز ماڻين ٿا .

ڪونر ڪلي جا ڪوڏيا ، جانڪي تائين جيءَ ،

 مٿان اڙن اسري ، رڪ پيالو پيءَ

ڳاهه ڳجهن جو ٿيءَ ، ويٺي جن ورهيه ٿيا

محرم جو مهينو اسان کي اهو ياد ڏياري ٿو ته ڪنهن به مشڪل  ۾ صبر ۽ شڪر ڪرڻ گهرجي. امام حسين ع جنهن مشڪل ۽ آزمائش ۾ ھئا ان وقت به سندن مثالي صبر ۽ شڪر هو، پاڻ ان وقت به  صبر سان ان صورتحال کي برداشت ڪن ٿا جڏهن سندن پاڻي بند هجي ٿو، جڏھن سندن معصوم شھزادو امام علي اصغر ظالمن جي تير لڳڻ ڪري شهادت ماڻي ٿو، جڏھن ڪوفي جا ظالم فوجي ،خيمن کي باهيون ڏين ٿا، جڏھن  امام سائين حضرت حسين ع جن جا ساٿي ۽ عزيز شھادتون ماڻي چڪا هجن ٿا، جڏھن انهن سورهين جي دفن ڪفن جو بندوبست ٿيندو هجي ٿو.

 دنيا ۾ اهي زندگيون ئي عظيم آھن جيڪي دنيا لاءِ مثال بڻجي وڃن ٿيون،  ڪربلا جي واقعي کي ڪيئي صديون گذرڻ باوجود به امام حسين جي عظيم بهادري، جرئت، سچ ۽ حق جي سر بلندي ۽ عظيم قرباني عيوض سندس محبت عقيدت، هر دور جي ماڻھن جي دلين ۾  ڪنهن جوت جيان جڳمڳائيندي رهي ٿي. ان جوت کي هر دور جي يزيدن ٻجهائڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آھي پر ارواحن تي الستي ان عقيدت جي اڪر ڪير ٿو ميٽي سگهي؟ ان عظيم قرباني کي ڪنهن به دور جي يزيدن لاءِ ميسارڻ ايئن آھي جيئن آڪاش منڊل ۾  چمڪندڙ چانڊاڻ کي روڪڻ.

 حسن مير حسين کي ، رنو ٽن ٽولن

 گهر ماڙهين ، جهنگ مروئين اڀ ۾ ملڪن

پکين پاڻ پڇاڙيو ، ته لڏيو هوت وڃن

الا  شهزادن، سوڀون  ڏين سچا  ڌڻي