قصو سڃي گهر ۾ ڪتيءَ جي ڦرڻ جو!

0
40
قصو سڃي گهر ۾ ڪتيءَ جي ڦرڻ جو!

   سڄي ڏينهن جي هڻ وٺ کانپوءِ ٿڪي ٽٽي صفا چور ٿي گهر وڃي ستس ته ننڊ جي ديوي مون کي پنهنجي آغوش ۾ وٺي ڇڏيو. آئون غش ٿي ايئن پيو کونگهرا هڻان جهڙو ڳجهه جو ٻچو ماءُ کان ڌار ٿي پيو ٻاڪاٽ ڪري. ابا اوچتو وڏي فجر جو ڪڪڙن دس هنيا ته لائيٽ گم ٿي وئي. پکو رون رون ڪري بيهي رهيو. پوءِ ته اچي گرمي کنيو گرمي جي ڪري هيٺان منگهڻن ۽ مٿان مڇرن خطرناڪ دهشتگرد حملا شروع ڪري ڏنا. گرمي جي ڪري پگهر ايترو اچي وهڻ لڳو جو منهنجا ڪپڙا، وهاڻو ۽رلي سڀ پسي صفا ڀت ٿي پيا. منهنجي اهڙي حالت هجي جهڙو گدڙ گپ ۾ ڦاسي پيو هجي. اٿي طوطن ماءُ جي کٽ وٽ پهتس گڏ سمهي ڀاڪر پاتم ته هن زور سان لت هڻي مون کي کٽ تان ئي ڪيرائي ڇڏيو. چيائين مئا! گهر ۾ ڪڪڙو ڪو لڳي پيئي آهي. اٽي جي لپ به ڪانهي ۽ تون آيو آهين ڀاڪر پائڻ! ٽڪي جيترو شرم به ڪو نه اٿئي! چيومانس وڃان ٿو! وڃان ٿو! اهي چيلاٽن وارا چڪ مون کي نه هڻ! وڃي شهباز شريف کي هڻ جنهن مهيني ۾ ٽي دفعا تيل جي قيمت ٻيڻي ڪري اسان غريبن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.

آئون رلي کڻي وڃي ٻاهر اڱڻ تي ستس صبح جو ٿڌڙي هير مون کي وري به سمهاري ڇڏيو. ڪلاڪ کن کانپوءِ سج خيرن جو اڀري آيو تنهن مون تي پنهنجن ڪرڻن جي فائرنگ شروع ڪري ڏني. اکيون مهٽي جاڳي پيس ڏٺم ته سج مٿان ٻري پيو. چيومانس شابس اٿئي سورج ديوتا! اندر طوطن ماءُ نٿي سمهڻ ڏي ٻاهر تون سمهڻ ڪو نه ٿو ڏين! چيائين اٿ نڀاڳا! ڏينهن ٿي ويو آهي اٿي ڪجهه ڌنڌي ڌاڙي جي ڪر! چيومانس حاضر سورج ديوتا! اهو ٻڌي سج ڪاوڙ ۾ تپي ماڳهين ويجهو اچڻ لڳو. آئون اٿي وڃي گيدوڙي هيٺان ويٺس تيسين طوطن ماءُ سيڌي سامان جي لسٽ کڻي اچي پهتي. ڌمڪي ڏيندي چيائين اڄ جي گهر جو سيڌو سامان وٺي نه ڏنئي ته آئون طوطن سميت پيڪين هلي ويندس تون اڪيلو پيو گهر ۾ ٿڪون جهلجان! اهو ٻڌي ڏک ۾ منهنجو منهن لهي صفا ڪي ٽو جي خالي پاڪيٽ جهڙو ٿي پيو. دل ۾ چيم ڳالهه صحيح پئي ڪري هنن جي وڃڻ کانپوءِ منهنجي حالت واقعي اهڙي ٿي ويندي بقول نٿو ڪهيري جي ته جهڙو سڃي گهر ۾ ڪتي پئي ڦري! مون ڦلي ڪڪڙ جا چار چوزا ڪڇ ۾ کنيا. اهي نيلا ڪري چار پئسا ابداڻي ۾ لڪائي ويس بازار ۾ سيڌو سامان وٺڻ. واپارين ۽ دڪاندارن سامان جا اگهه ايترا ٻڌايا جو منهنجو منهن ڦٽي صفا کڳي جهڙو ٿي ويو. مفتاح اسماعيل پيٽرول جو اگهه ٻيڻو ڪري ڇڏيو ته واپارين وکر جو اگهه ٽيڻو چئوڻو ڪري ڇڏيو. ڀاڄي واري کان اگهه وڌڻ جو سبب پڇيم چيائين تيل مهانگو ٿيو آهي ته ڀاڄيون به مهانگيون ٿيون آهن.

چيومانس ادا ميها، واڱڻ، ٽماٽا، ڀينڊيون، توريون ۽ ڪريلا تيل مان ته ڪو نه ٿا ٺهن! چيائين هائو ڀائو تيل مان ته ڪو نه ٺاهين پر پاڻي تي ٿا تيار ٿين، پاڻي سنڌ ۾ آهي ڪونهي ٽيوب ويل مان پاڻي ٿو ڪڍجي ٽيوب ويل تي ڊگڊگي ٿي هلي، ڊگڊگي ڊيزل تي ٿي هلي. ڊيزل جو اگهه ٻيڻ کان وڌي ويو آهي ان ڪري هر سبزي مهانگي ٿي وئي. ٻيو ٽرانسپورٽ جا اگهه به تيل جي ڪري ٻيڻا ٽيڻا ٿي ويا آهن. ڳالهه هن جي صحيح هئي پر تيل جي اگهه جي بهاني واپاري وڌيڪ منافع خور ٿي ويا هئا. ڏک ۾ مون هڪ اوتاري تان وڃي ٻه پيالا ٺري جا پيتا پوءِ ته آئون شينهن ٿي پيس ٺوڪي واپارين کي ماءُ ڀيڻ تي ڪچيون گاريون ڏيڻ لڳس. انهن وري مون کي جهلي ڏاڍي پادرائيزيشن ڪري پوليس جي حوالي ڪيو. ٿاڻي تي مون کي صوبيدار صاحب جي اڳيان پيش ڪيو ويو. صوبيدار صاحب اڪيلائي ۾ مون کان گارين ڏيڻ جو سبب پڇيو هٿ ٻڌي چيومانس صاحب! هڪ ته بيروزگاري آهي، ٻيو تمام گهڻي مهانگائي آهي ٽيو گهر ۾ سامان نه هئڻ جي ڪري طوطن ماءُ روز بيعزتي خراب ڪندي آهي. چوٿون انهي غم جي غوطن ۽ درد جي ڌڙڪن کي ماٺو ڪرڻ لاءِ ٺرو پيتو هئم. ٺري ۾ وقتي طور مڙس ماڻهو ٿي واپارين کي دٻي گاريون ڏنم! مون ڏٺو ته منهنجي درد جو داستان ٻڌي صوبيدار صاحب به روئي ڏنو.

ڳوڙها اگهندي چيائين طوطن پيءُ تنهن جو ڪو به ڏوهه ڪونهي منهنجو سٺ هزار پگهار آهي ۽ پنجاهه سٺ هزار روز مٿان جي ڪمائي به آهي پر مهانگائي ايتري آهي جو پورت نٿي ٿئي. اڄ به منهنجي گهر واري مون کي گاريون ڏئي ذليل ڪري گهر مان ڪڍيو آهي. اهو چئي صاحب سڏڪا ڀري روئڻ لڳو. مون قميص جي اڳياڙي ۽ پوياڙي سان سندس ڳوڙها اگهيا پوءِ هن مون کي هزار روپيا خرچي ڏئي باعزت بري ڪري ڇڏيو. انهي هزار مان مهانگو ئي سهي گهر جو سيڌو سامان وٺي آيس ته سامان ڏسي طوطن ماءُ ٺري پئي. ڊانس ڪندي ڪلام ڳائڻ لڳي “آيا اڱڻ عجيب اهو اڱڻ چمان يا عجيب چمان!” چيومانس نه اڱڻ چم! نه عجيب چم! تون هن سامان کي چم جنهن جي ڪري تون روز منهنجي بيعزتي خراب ڪندي آهين. اهو ٻڌي طوطن ماءُ ڪاوڙ ۾ اهڙي شڪل خراب ڪئي جو اصل ڳوهه جهڙي پئي لڳي. پوءِ سامان کڻي، بورچيخاني ۾ وڃي رڌ پچاءُ ڪرڻ لڳي. آئون به ماني جو انتظار ڪرڻ لڳس، ڪالهوڪي کاڌي تي هيس. ٿوري گهڻي جيڪا رهيل طاقت هئي سا به واپارين جي مرمت ڪرڻ کانپوءِ پوري ٿي وئي. مون وارا آنڊا بک ۾ سڪي صفا  ملڪاڻي شاخ ٿي پيا هئا. بورچيخاني مان داغ جي خوشبو آئي ته آئون ۽ طوطن نڪ جون پيئي ناسون چشما جهلم ۽ تونسه پنجند جي تڪراري ڪئنالن جي دروازن وانگر فل کولي خوشبو سونگهي ٺريو پيا ٺرون.

چوندا آهن ته بک بڇڙو ٽول داناءُ ديوانا ڪري، سو بک ۾ ماني جو انتظار ڪرڻ به ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. ٽيم پاس ڪرڻ لاءِ مون اخبار پڙهڻ شروع ڪئي. اها “پنهنجي اخبار” هئي آچر 19 جون 2022ع جي ان ۾ هڪ خبر پڙهي منهنجي بدن جا وار اڀا ٿي ويا. خبر هئي ته اڏيري لال اسٽيشن ويجهو ڳوٺ سوڍو ڇٽو ۾ سليمان ڇٽو مڪسين هارياڻي سوني زال چيتن ڪولهي سان ڪالهه زوري زيادتي ڪئي هئي. انهن ٿاڻي تي فرياد به لکرايو هو. اخبار ۾ پنهنجي اخبار جو بي باڪ نمائندو عبدالغفور هڱورو لکي ٿو ته اڄ بااثرن جي دٻاءُ سبب ڪيس نئون رخ اختيار ڪري ورتو آهي. لڄ لٽيل مسڪين هارياڻي سوني ڪولهڻ نه فقط جوابدار کان معافي ورتي آهي پر بااثر جي دٻاءُ سبب پنهنجي خاندان سميت لڏ پلاڻ ڪري نامعلوم منزل ڏانهن رواني ٿي وئي آهي. نمائندي اڏيري لال اسٽيشن جي صوبيدار صاحب شاهه زمان سان پڻ رابطو ڪيو تنهن چيو ته فريادڻ سوني ڪولهڻ ۽ سندس خاندان وارن رضا خوشي سان لکت ۾ معافي نامون ڏنو آهي ان ڪري هاڻي ڪجهه نٿو ڪري سگهي. ٻين لفظن ۾ ته کيل ختم ۽ پئسا هضم. وڌيڪ سچ ڪوڙ جي خدا کي خبر پر آئون حيران آهيان ته علائقي جي بااثر شخصيتن ،چڱن مڙسن هن مسڪين هارياڻي جي مدد ڇو ڪا نه ڪئي؟ ڪيڏانهن ويا اڏيري لال اسٽيشن جا اديب، شاعر، سماج سڌارڪ؟ ڪيڏانهن ويا شهر جا پيپلا، ليگلا، ڪامريڊ ۽ انقلابي ليڊر؟ هاءِ ڙي ويچاري مسڪين پورهيت سوني ڪولهڻ جيڪا بااثرن جي ڊپ کان لڏي نامعلوم هنڌ هلي وئي آهي. انهي سڄي صورتحال تي مون کي شاهه سائين جو هي بيت ذهن تي تري آيو.

ڪيم مهاڙ ملير ڏي مٿان ڪوٽ چڙهي

نت نهاري ڏيهه ڏي ڳوڙها پيم ڳڙي

نڱي ڪوڪ قلب مان منجهان روح رڙي

ويڙهيچن وري سار نه لڌي ڪڏهن (شاهه)