قصبو(ن پ ا) قصبي ڀرسان نئين گاج ٿاڻي جي حد مان ھڪ ئي رات ۾ چوري جون ٻه ڌار ڌار وارداتون ٿي ويون، پر پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو . ان ڏس ۾ گذريل رات دير سان نامعلوم جوابدار نئين گاج ٿاڻي جي حد ڳوٺ مريدديرو مان سرڪاري واٽرسپلائي تان تالا ٽوڙي انويٽر چوري ڪري ويا، ٻي پاسي ساڳي ئي رات ۾ ڪاڇي جي شهر ھيروخان مان ڊاڪٽر ذوالفقار سومرو جي نجي ڪلينڪ مان سولر پليٽ سميت ميڊيسن ٻهاري ويا. حد جي ٿاڻي تي نامعلوم جوابدارن خلاف رپورٽ داخل ڪئي وئي آهي. ڳوٺاڻن برڪت مستوئي شبير مستوئي برڪت لغاري ۽ ٻن ٻڌايو ته علائقي ۾ جوا جا اڏا سرعام ھلڻ سبب بدامني چوٽ چڙھيل آھي حد جي پوليس ڪاروائي ڪرڻ بدران تماشائي بڻيل آھي، ڳوٺاڻن ايس ايس پي دادو کان مطالبو آھي ته وڌنڌڙ بدامني جو نوٽيس وٺي چوري ٿي ويل سامان رڪور ڪرائي چورن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.