قصبو (ن پ ا) قصبو ۾ قمبر شھداد ڪورٽ جي پوليس ايس ايس پي جي اڳواڻي ۾ سرائي ياسين جي گھرن تي چڙهائي ڪري چوديواري جو تقدس پامال ڪندي عورتن ننڍن وڏن ۽ بزرگن تي تشدد ڪيو. پوليس تشدد بعد ٽن ڳوٺاڻن اڪبر، اسلم ۽ غلام مصطفيٰ کي گرفتار ڪيو آھي. ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته رات جو دير سان پوليس اسان جي گھرن تي چڙھائي ڪري زبردستي اسان کي ۽ ٻچڙن کي بنا جواز مار ڪُٽ ڪئي وئي. اسان سان وڏي انصاف ٿي آهي اچانڪ دير سان پوليس جي چڙهائي سبب خوف ۽ ھراس ڦھلجي ويو عورتن ۽ ٻارڙن جي داھن تي پورو ڳوٺ گڏ ٿي ويو انھي واقعي جو پوري ڳوٺ کي صدمو رسيو آهي اسان عزت وارا زميندار شريف ماڻهو آھيون. اسان سان قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي پوليس ناانصافي ڪئي آهي جنهن جو اسان ۽ ڳوٺ وارن کي وڏو صدمو رسيو آهي. هنن چيو ته اسان جا گرفتار ٿيل ٽئي ماڻهو بازياب ڪرائي اسان جي پريشاني ختم ور ڪئي وڃي. اسان وزير اعليٰ سنڌ ۽ آئي جي سنڌ کي پُر زور اپیل ڪيون ٿا اسان سان انصاف ڪيو وڃي.