قصبو (ن پ ا) قصبو  عطائي ڊاڪٽر جي مبينا غلط انجيڪشن لڳڻ سبب نينگري جي ٻانھن خراب ٿي ويئي، ان ڏس ۾ نينگري جي والد شعيب لغاري  جو چوڻ ھو ته 2 ھفتا اڳ نينگري ياسمين کي بخار ٿيو ھو، جنهن کانپوءِ علاج ڪرائڻ لاءِ عطائي ڊاڪٽر وٽ وئي، جتي ڊاڪٽر جي غلط انجيڪشن لڳڻ سبب منھنجي ڌيءَ جي ٻانھن سوڄ ڪري ويئي آھي، جڏھن ته ڊاڪٽر سوڄ ختم ٿيڻ جا آسرا ڏيندو رھيو پر ھن وقت نينگري جي ٻانھن سوڄ ڪري خراب ٿي ويئي آھي، نينگري کي سخت تڪليف پيدا ٿي ويئي آھي، غريب ھئڻ ڪري نينگري جو علاج نٿو ڪرائي سگھان، ھن مطالبو ڪيو ته   نوٽيس وٺي عطائي ڊاڪٽر خلاف ڪارروائي ڪري نينگري جو علاج ڪرائي ڏنو وڃي.