قصبو (ن پ ا) ڪاڇي جي ڳوٺ مزاري مستوئي جيالن بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف پ پ يوسي پٽ گل محمد جي جنرل سيڪريٽري دلدار مستوئي ۽ غلام علي مستوئي، نظير مستوئي ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته سالن کان پ پ کي ووٽ ڏيڻ باوجود ڳوٺ بنيادي سهولتن کان محروم آھي، ڳوٺ جي روڊ جون موريون تباھ ھئڻ ڪري تڪليفن کي منهن ڏيڻ تي مجبور آھيون، پارٽي طرفان ڳوٺ کي مسلسل نظر انداز ڪيو پيو وڃي. ھنن چيو ته ھئيروخان روڊ جو ڪم ڪندڙ ٺيڪيدار کي موري ٺاھي ڏيڻ جو چيو پر موري ٺاھي ڏيڻ کان ٺيڪيدار کتو جواب ڏيئي ڇڏيو آھي. هنن پيپلزپارٽي جي ضلعي قيادت کان مطالبو ڪندي چيو ته ڳوٺاڻن کي روڊ رستن سميت ٻيون بنيادي سهولتون ڏيئي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي