قصبو (ن پ ا ) قصبو ٿاڻي جي حد ڳوٺ ميرڻ ڪوٽ ۾ گهٽي ۽ زمين جي تڪرار تان بروھي ۽ لغاري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙي دوران قتل ٿيل نصير لغاري، محمد حنيف ۽ محمد شريف بروھي جا ڌار ڌار ڪيس داخل ٿيڻ باوجود به جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا، ذريعن موجب بااثرن پوليس کي 15ڏينهن اندر ڌرين ۾ راڄوڻي ڪرائڻ جو آسرو ڏئي جوابدارن جي گرفتاري کي روڪي ڇڏيو آهي، ايس ايچ او قصبو موجب ٻئي ڌريون تڏي تي ويٺل آهن، ھاءِ ڪورٽ ۾آھيان، ٻي طرف چوٻول آھن ته پوليس لاپرواھي سبب ٽي جانيون ضايع ٿيون، اڃا به خاموش آهي، ھڪ دفعو ٻيھر ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌڻ جو خدشو آهي.