قصبو(ن پ ا) قصبو لڳ پسند پرڻي ڪرڻ لاءِ نڪري ويل ناري جي پلاند ۾ لنڊ برادري جا پنج ماڻهون اغوا وارو معاملو پوليس 7عورتون گرفتار ڪري کڻي وئي ڳوٺاڻن پاران پاڪ ڪتاب کڻي پوليس خلاف احتجاجي مظاھرو ٽي ڏينهن اڳ گاج ٿاڻي لڳ ھڪ پيرسن عورت مسمات شبيران لنڊ محمد قاسم لنڊ عابد اسد ڪالو لنڊ سميت 5 ماڻھن کي ناري ثمينا چانڊيو جي پلاند ۾ اغوا ڪيو ويو ھئو مغوين جي بازيابي لاءِ نئين گاج پوليس جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ راڄوديرو تي چڙھائي 7 عورتون گرفتار کڻي وئي، ڳوٺ راڄوديرو واسي عابد چانڊيو اصغر چانڊيو جي اڳواڻي ۾ پاڪ ڪتاب کڻي پوليس خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو، ان موقعي تي ڳوٺاڻن الزام ھڻندي چيو ته گاج ٿاڻي جي پوليس جي اڳواڻي م چانڊيا برادري جي گھرن تي پوليس چڙھائي ڪري چادر چو ديواري جو تقدس پامال ڪري ستن عورتن کي گرفتار ڪري کڻي وئي آھي گرفتار عورتن م ليلان زال عابد چانڊيو، وزيران زال نورل چانڊيو، حسنت زال عرس چانڊيو، مجيدان زال معشوق چانڊيو، مھناز زال اعجاز،جميلان ڌي جڙيل شمشاد زال جڙيل سميت ستن عورتن کي پوليس کي کنڀي کڻي وئي آھي ڳوٺاڻن جو چوڻ ھو ته جوابدار ڌرين سان اسان جو ڪو به تعلق ناھي اسان غريب ڳوٺاڻا آھيون تنھن ھوندي به پوليس چڙھائي ڪري اسان جون 7 عورتون گرفتار ڪيون آھن، ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو تـ نوٽيس وٺي گرفتار عورتن کي فوري آزاد ڪيو وڃي.