قصبو (ن پ ا) ڳوٺ مانجهي لئو بوائز پرائمري اسڪول ۾ بنيادي سهولتن سميت فرنيچر نه هجڻ ڪري معصوم ٻارڙا پٽ تي ويهي تعليم پرائڻ تي مجبور آھن، ان ڏس ۾ ڳوٺاڻن نظير ٻٻر، سليم ٻٻر، عبدالطيف ٻٻر جو چوڻ ھو ته اسڪول ۾ بنيادي سهولتون نه ھئڻ ڪري 2 سئو کان وڌيڪ معصوم ٻارڙن جي تعليم متاثر ٿيڻ لڳي آھي تعليم کاتي کي شڪايتون ڪرڻ باوجود ڪي جوڳا اپاءَ نه ورتا ويا آھن ڳوٺاڻن تعليم کاتي کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺئ اسڪول جي بلڊنگ جي ريپئر , بجلي ۽ پيئڻ جي پاڻي سميت ٻيون سهولتون ڏيئي ٻارڙن جي تعليم متاثر ٿيڻ کان بچائي وڃي.