قرض جي قسط لاءِ پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف ۾ ٽيڪنيڪل ڳالهيون مڪمل: پاليسي ڳالهيون جاري

0
21
آءِ ايم ايف پاران سنڌ ۾ تعليم ۽ صحت جا خرچ گهٽ قرار، زرعي ٽيڪس جاري رکڻ تي زور
آءِ ايم ايف پاران سنڌ ۾ تعليم ۽ صحت جا خرچ گهٽ قرار، زرعي ٽيڪس جاري رکڻ تي زور

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان ۽ عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) وچ ۾ ٽيڪنيڪل ڳالهيون مڪمل ٿي ويون ، جنهن کانپوءِ پاليسي سطح تي ڳالهيون جاري آهن. پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ٽيڪنيڪل ڳالهين جو پهريون اجلاس ناڻي واري وزارت جي آفيسرن ۽ ٻيو ايف بي آر جي عملدارن سان مڪمل ٿي ويو. پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ پاليسي سطح تي ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن، جنهن ۾ ناڻي وزير محمد اورنگزيب ۽ ناٿن پورٽر قيادت ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ناڻي سيڪريٽري ۽ چيئرمين ايف بي آر به ڳالهين ۾ شريڪ آهن. پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ 7 ارب ڊالرن جي قرض پروگرام لاءِ پاليسي ڳالهيون ٿي رهيون آهن، جيڪي ٻن هفتن تائين جاري رهنديون. انهن ڳالهين کان پوءِ نظرثاني مشن پنهنجون سفارشون آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ ڏانهن موڪليندو، جيڪو هن مهيني جي آخر ۾ يا اپريل جي شروعات ۾ 1.1 ارب ڊالر جي ايندڙ قسط جاري ڪرڻ بابت حتمي فيصلو ڪندو، بجلي سستي ڪرڻ يا نه ڪرڻ متعلق حتمي فيصلو ڪندو. ذريعن موجب آءِ ايم ايف کي جولاءِ کان ڊسمبر 2024ع جي ٽيڪس هدفن ۽ ٽيڪس شارٽ فال تي بريفنگ ڏني وئي، جڏهن ته آءِ ايم ايف اختيارين سان ٽيڪس روينيو کي پورو ڪرڻ لاءِ قدمن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ايف بي آر عملدارن آءِ ايم ايف جي وفد کي ٻڌايو ته ايف بي آر ۾ سڌارن جو عمل جاري آهي ۽ ايف بي آر جو پاليسي ونگ الڳ جوڙي آهي، ايف بي آر ٽرانسفارميشن منصوبي تي عمل ڪري رهيو آهي.