اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ قرآن پاڪ جي تعليم لازمي قرار ڏيڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي /ڏسو صفحو 7 بقايا 30

جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ پنج رڪني آئيني بينچ ڪئي. ٻڌڻي دوران جسٽس امين الدين پڇيو ته خيبرپختونخوا ۽ سنڌ حڪومت جو هن معاملي تي ڇا پوزيشن آهي؟ جنهن تي جسٽس حسن اظهر رضوي رمارڪس ڏنا ته سنڌ ۾ پهريون پيرڊ اسلاميات ۽ ناظره جو هوندو آهي ۽ اڄ کان 55 سال اڳ به اها ئي ترتيب هئي. عدالت کي آگاهه ڪيو ويو ته ڪي پي ڪي ۽ سنڌ حڪومت اڃا تائين پنهنجو جواب جمع ناهي ڪرايو. جسٽس امين الدين هدايت ڪئي ته ٻئي حڪومتون پنهنجو جواب جمع ڪرائين. ان موقعي تي سنڌ حڪومت جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته سنڌ ۾ ان حوالي سان ڪو به قانون موجود ناهي، تنهنڪري هو جواب جمع به نه ڪرائيندا. جنهن تي جسٽس امين الدين ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته هي ڪهڙو طريقو آهي ته جواب ئي نه ڏنو وڃي؟ جسٽس جمال خان مندوخيل وڪيل کي لهجي تي توجهه ڏيڻ جو چيو جنهن تي وڪيل پنهنجن لفظن تي معذرت ڪئي. عدالت ٻنهي حڪومتن کي جواب ڏيڻ لاءِ مهلت ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.