اسلام آباد: سينيٽ جي ايوان  6 مختلف قراردادون به منظور ڪري ورتيون، جنهن ۾ جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد جي قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته هي ايوان سفارش ڪري ٿو ته قرآن پاڪ جي تعلميات کي ترجمي ۽ تفسير سان پاڪستان جي سمورين يونيورسٽين جي سمورن شعبن جي شاگردن جي نصاب جو حصو بڻايو وڃي، جماعت اسلامي جي منظور ٿيل ٻي قرارداد ۾ حضور صلعم جي سيرت  کي پرائمري، مڊل، ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي سطح تي بطور خصوصي مضمون اسلام آباد ۾ لازمي قرار ڏيڻ جي سفارش ڪندي سمورن صوبن  ۾ به اهو مضمون متعارف ڪرائڻ لاءِ صوبائي حڪومت سان رابطا ڪرڻ جي سفارش به ڪئي وئي آهي، سينيٽر نصيب الله بازئي جي منظور ٿيل قرارداد ۾ سفارش ڪئي وئي آهي ته وفاقي حڪومت هر صوبي ۾ ميگا تعليمي سينٽرز قائم ڪرڻ جي پروگرام جي شروعات ڪري، هر ميگا تعليمي سينٽر تقريبن 2500 ايڪڙ علائقي تي ٻڌل هجي، اڪثر يونيورسٽيون اڍائي سئو ايڪڙن تي ٻڌل هجن، حقيقي مستحق شاگردن لاءِ گرانٽ ۽ 15 سيڪڙو سيٽون مختص ڪيون وڃن، مشتاق احمد جي منظور ٿيل قرارداد ۾ سفارش ڪئي وئي آهي ته خيبر پختونخوا ۾ ضم ٿيل فاٽا ۽ پاٽا جي ضلعن ۽ بلوچستان جي ڪمزور حالت سبب ٽيڪس ڇوٽ ۾ فاٽا کي وڌيڪ 2033 تائين ڇوٽ ڏني وڃي.