اسلام آباد (م ڊ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته قرآن پاڪ جي بي حرمتي مسلمانن جي عقيدي ۽ جذبن تي حملو آهي. گڏيل قومن جي انساني حقن جي ڪائونسل جي اهتمام هيٺ مباحثي کي ورچوئل خطاب  ڪندي چيو آهي ته قرآن پاڪ جي بي حرمتي مسلمانن جي عقيدي، جذبن تي حملو آهي. ڪنهن مسلمان ملڪ ۾ ڪنهن عقيدي جي بي حرمتي جي اجازت ناهي. هن چيو ته اسان سڀني کي گڏجي قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي واقعن کي روڪڻوپوندو.