لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جي ٻئي سيمي فائنل ميچ دوران شوقينن کي مفت افطار ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.پي سي بي موجب، پنج مارچ تي قذافي اسٽيڊيم ۾ نيوزيلينڊ ۽ ڏکڻ آفريڪا جي ميچ ڏسندڙن لاءِ فري افطار جو بندوبست ڪيو ويو آهي.پي سي بي جو چوڻ آهي ته شوقين ٽڪيٽ ڏيکاري خارڪ، جوس ۽ مني پيزا وارو افطاري باڪس حاصل ڪري سگهندا.ان کانسواءِ اسٽيڊيم جي اندر فوڊ اسٽالز ذريعي ٻين کاڌي پيتي جون شيون به خريد ڪري سگهبيون.واضح رهي ته ڏکڻ آفريڪا ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ پنج مارچ تي رٿيل سيمي فائنل ميچ منجهند ٻئين وڳي شروع ٿيندي، جڏهن ته افطاري شام ڇهه لڳي منٽن تي ٿيندي.