ممبئي (شوبز نيوز)  بالي ووڊ جي سلطان سلمان خان قتل جون ڌمڪيون ملڻ کانپوءِ پاڻ کي بچائڻ لاءِ بلٽ پروف ڪار خريد ڪري ورتي آهي. ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب مرحوم گلوڪار سچو موسي والا جي قتل کانپوءِ سلو ميان کي به موت جون ڌمڪيون مليون آهن، جنهن کي نظر ۾ رکندي اداڪار پنهنجي سيڪيورٽي تي ڀرپور ڌيان ڏئي رهيو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته دبنگ خان نئين ماڊل جي بلٽ پروف ڪار ناهي ورتي پر اها پراڻي ڪار اداڪار ۽ سندس خاندان کي ڪنهن به حملي کان محفوظ رکندي. تازو، اداڪار هڪ هٿيار لائسنس حاصل ڪرڻ لاء ممبئي پوليس اسٽيشن ۾ پنهنجي درخواست پڻ جمع ڪئي هئي.  ياد رهي ته سلمان پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان جي حفاظت لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيو آهي.