سنڌ سان ڪيترائي مسئلا آھن پر قبيلائي جھيڙن سنڌ ڌرتيءَ جي ماحول کي گهڻو خراب ڪيو آھي. ڇو ته ٻين مسئلن کان وڌيڪ جھيڙا نقصانڪار آھن ۽ انهن فسادن سان انسان دربدرين ۾ زندگي بسر ڪن ٿا. جڏھن ان سنڌ جي اھم اشو تي سوچيون ٿا ته سنڌ جي ھر شھر اندر جھيڙا ڇو ٿا ٿين.؟ ۽ اُھا وبا ڪنھن آندي آھي. ھڪ ته ان اھم اشو ۾ جھالت ۽ اسھپ جو عمل دخل آھي، ٻيو ته علائقائي ماحول کي بگاڙڻ لاءِ وڏيرن، ڀوتارن ۽ ڳوٺن ۾ پيدا ٿيندڙ ننڍن ننڍن وڏيرن جو ھٿ آھي. ان سوچ تحت سنڌ جي ھر شھر ڳوٺ واھڻ وستيءَ ۾ اھڙا خونخوار جھيڙا وڌي وڻ ٿيا آھن.انسان پنھنجي جياپي جي لاءِ وڌ کان وڌ امن جو خواھشمند آھي پر ھتي لاقانونيت جي ڪري ھِيڻي مٿان طاقت جو اثر ھلندڙ آھي ۽ قانون نالي ڪابه شئي ناھي. جڏھن ته معاشرا تڏھن ئي خوبصورت ۽ صحتمند ٿي سگھن ٿا، جڏھن اھڙن موتمار جھيڙن جو خاتمو ٿئي پر سنڌ جي ھر ڳوٺ اندر اڃان به اهڙا برادري جھيڙا روز بروز وڌندا رھن ٿا، جنھن جي ڪري پورا خاندان، ڳوٺن جا ڳوٺ ۽ قبيلا تباھي جي ڪناري تي پھچي چڪا آھن. اھڙن قبيلائي جھيڙن کي معمولي مامرن ۽ ھٿ ٺوڪين الزام تراشين تحت ھٿي ڏني وڃي ٿي، انھن جھيڙن جا معمولي ڪارڻ ھجن ٿا. ھوٽلن تي ويھندي چانھ پيئڻ جا مسئلا، دڳ ويندي ٽريڪٽر ۾ ايڪوسائونڊ ھلائڻ تان رنجشون يا موٽر سائيڪل جي ڦر تان ۽ زمينن جي قبضيگيري تان جھيڙن ۾ سنڌ جا ڪونڌر ڪسجي وڃن ٿا، مائرن جون جھوليون خالي ٿيو وڃن، ونيون ورن کانسواءِ ڏھاڳ ۾ مبتلا ٿيو وڃن ۽ پٽ پيءُ کان بغير بي سھارا ٿيو وڃن. ان موتمار جھيڙن ۾ ڇا ڇا نٿو ٿئي، رڳو انسان جو مالي نقصان نه پر جانيون ضايع ٿين ٿيون، ويڙھا اجڙي وڃن ٿا ۽ ڳوٺ ويران ٿيو وڃن ۽ ماڻھو پنھنجا اباڻا ڪک ڇڏي انهن جھيڙن جي ڪري لڏپلاڻ ڪندي مختلف علائقن ۾ دربدري واري زندگي گذارين ٿا. قبيلائي جھيڙن تحت ملوث ڌرين جي اولادن تي وڌ کان وڌ غلط اثر پون ٿا، ڇو ته اھي تعليم جھڙي زيور کان محروم ٿيو وڃن ۽ اهي ڪنھن به تعليمي اداري ۾ پڙھي نٿا سگھن. ڇو ته ھلندڙ جھيڙن جي دوران تحفظ جا مامرا پاڻ کي بچائڻ جي سوچ تحت ماڻھو پنھنجا ٻار پڙھائي نٿو سگھي. اهي جھيڙا اھڙي وبا آھن، جنھن ۾ ھر ماڻھو ذھني طور تي پريشان رھي ٿو. ڇو ته پنھنجي زندگي بسر ڪرڻ لاءِ ھن وٽ قبيلائي جھيڙن جي ڪري مالي سگھ نٿي رھي. ڪٿي ڪٿي قبيلائي جھيڙن جو شڪار ٿيندڙ زخمين جو علاج به نٿو ٿي سگھي ۽ مقتولن جي ڪفن دفن لاءِ به پئسا ناهن هوندا. قبيلائي جھيڙا زندگيءَ جي حسناڪين جي لاءِ قاتل زھر آھن ۽ انهن قبيلائي جھيڙن جي ڪري ماڻھو جي منھن تان مرڪون کسيو وڃن ٿيون. قبيلائي جھيڙن جي ڪري انسان وڏو لوڙي ٿو ۽ ھو ھر وقت وڏي عذاب مان گذري ٿو ۽ انهن جھيڙن جي دوران پنھنجي زخمي پيارن جا سر ڪنھن دوا درمل لاءِ اسپتال تائين به پھچائي نٿو سگھي. جھيڙن جي صورتحال ۾ اڪثر ائين ٿيندو آھي ته ملوث ڌرين جا پنھنجا ٻار ٻچا مختلف بيمارين ۾ مبتلا ھوندا آھن ته خوني جھيڙي جي خوف کان اسپتال کڻي وڃڻ چاھيندا ئي ناھن ۽ اھي جانيون دوا جي اڻھوند سبب تڙپي تڙپي دم ڏينديون آھن.
ھونئن ته سڄي سنڌ ڌاڙيل ڪلچر ۽ قبيلائي جهيڙن ۾ جڪڙيل آھي پر سنڌ جي ضلعي قمبر-شھدادڪوٽ تعلقي وارھ ۾ هر سال هڪ يا ٻه قبيلائي جهيڙا ٿين ٿا. سال اڳ 2022ع ۾ وارھ لڳ ڳوٺ جکر ۾ موٽر سائيڪل جي ڦر معاملي تي مرزاڻي چانڊين ۽ بروهين وچ ۾ جهيڙو ٿيو، جنهن ۾ 3 بروهي ۽ 2 مرزاڻي چانڊيا فائرنگ جي نتيجي ۾ ٿڏي تي مارجي ويا. ان ئي سال مارفاڻي چانڊين ۽ بوهڙن جي وچ ۾ لعلو رائنڪ جي ڳوٺ بوهڙ ۾ پاڻي جي واري تان جهيڙو ٿيو، جنهن ۾ 3 بوهڙ 2 چانڊيا ٿڏي تي مارجي ويا ۽ ھاڻ تازو هڪ جهيڙو وراڻين چانڊين جي ٻن ڳوٺن ڳوٺ نهال تنيو ۽ ڳوٺ جامڪ چانڊيو جي ڳوٺاڻن وچ ۾ موٽر سائيڪل جي ڦر معاملي تان هلندڙ آھي، جنهن ۾ پڻ 2 نوجوان مارجي ويا آھن ۽ ڌريون مورچابند ٿي ويٺل آھن. ان کان علاوه وارھ تعلقي جي ڳوٺن ۾ هن وقت به ٻين ڪيترين ئي ڳوٺاڻن جا پاڻ ۾ خوني جهيڙا هلن پيا، جنهن جا نقصان سالن ۽ صدين تائين هڪ نسل کان ٻيو نسل ڀوڳيندو. جهيڙن جي شروعات ته معمولي ڳالھ تان ٿيندي آھي، جنهن کي سنجيدگيءَ سان ڪير به ناهي وٺندو، پوءِ جڏھن جهيڙا وڌي وڻ ٿيندا آھن ته سڄي علائقي جو امن تباھ ٿي ويندو آھي. جھيڙن ۾ ڪافي نقصان ٿيندا آھن، هڪ وڏو نقصان اهو به ٿيندو آھي ته، جھيڙيندڙ ڌريون ھڪٻئي جي لکيل پڙھيل ۽ سماج سڌارڪ ماڻھن کي ٽارگيٽ بڻائي قتل ڪنديون آھن، جن جو ھلندڙ تڪرار سان پري پري تائين جو ڪو به واسطو ناھي ھوندو پر انڌ جي گھوڙي تي چڙھيل ۽ ذاتي انا کي تسڪين ڏيڻ لاءِ پنھنجي برادري قبيلي ۽ سنڌ امڙ جي جھولي خالي ڪري ڇڏيندا آھن. جيئن ساوند سبزوئي تڪرار ۾ پروفيسر اجمل ساوند جو ناحق خون ڪيو ويو.قبيلائي جھيڙن مان ان صورت ۾ نجات پائي سگھجي ٿي ته سنڌ جي ھر ڳوٺ ۾ اسڪول کوليا وڃن ۽ تعليم عام ڪئي وڃي. ڇو ته تعليم جھڙي زيور سان ماڻھوءَ جي ذھنن ۾ تبديلي اچي ٿي ۽ ذھن واش ٿين ٿا، جيڪي قبيلائي جھيڙن جھڙي وبا کي رد ڪن ٿا ۽ زندگي پرامن گذارڻ لاءِ ذھن پختا ۽ مضبوط ٿين ٿا، ٻيو قبيلائي جھيڙن کي ختم ڪرڻ جو سوال ان سان سلھاڙيل آھي ته سنڌ جي ٻھراڙين تائين قانون جي رٽ مڪمل بحال ڪئي وڃي ته ڪوبه ڪنھن سان ناانصافي ۽ ارھ زورائي نه ڪري سگھندو.