آزاد انور مهر چڪ مان لکي ٿو
جيتوڻيڪ اُتر سنڌ ۾ انسانن جو قتلام ايترو ته وڌي ويو آهي جو اهڙو ڪو ڏينهن ڳولڻ مشڪل ٿي ويو آهي، جنهن تي ڪنهن قبيلائي تڪرارن جو قصو اخبارن جي زينت نه بڻيو هجي، اِهو الميو ڪيترن ئي سالن کان جاري آهي، ڌڙا ڌڙ انسان گولين جي بک بڻجن رهيا آهن، انساني لاش روزاني اخباري ڪالم ولارين ٿا، اخبارن جي پهريان پيج به ڄڻ ته ڪرائيم ڊائري جو ڏيک ڏين ٿا، ڇاڪاڻ ته ڪهاڙين جا ڳن ۽ گرم گوليون انساني جسم ۾ پيهي پنهنجي اڃ اجهائين ٿيون.
سنڌ جي اترين علائقن ۾ هاڻي قبيلائي دهشتگرديءَ جا واقعا ايترا ته وڌي ويا آهن جو ماڻهن جي قتل واري خبر کان ڪير به نٿو ڇرڪي نه ئي وري ڪو ان تفصيل ۾ وڃي ٿو ته انهن قتلن پويان اصل سبب ڪهڙا آهن؟، انهن ڌرين وٽ ايترا مهانگا ۽ ڳرا هٿيار ڪئين ۽ ڪٿا آيا، اِهو پڻ تمام وڏو سوال آهي ۽ ان معاملي ۾ سرڪار ۽ سردارن جي ڪيتري ڪن لاٽار شامل آهي؟، اهي بنيادي سوال آهن جن تي سنجيدگيءَ سان غور ڪرڻ جي ضرورت آهي.
قبيلائي جهيڙن ۾ مرڻ وارن جو ڏوهه فقط ايترو هوندو آهي جو هو ٻن وڙهندڙ ڌرين جي ذاتين منجهان ڪنهن هڪ ذات سان وابسطا هوندا آهن، هو پنهنجي جوءِ ۾ پنهنجن دوستن جي وچ ۾ رهندي مري ويندا آهن ۽ پوري زندگي پنهنجي پونئرن جي ذهنن ۾ بدلي جي ڪوڙاڻ ڀري ويندا آهن. سنڌ جا ڪافي علائقا قبيلائي سردارن ننڍن وڏيرن معرفت هٿ وٺي خطرناڪ بڻايا ويا آهن جنهن ڪري ڪروڌ ۽ نفرت جي هڪ ڀيانڪ لهر هلي پئي آهي جنهن ۾ اوپريون گوليون واٽ ويندڙن جا سينا پروڻ ڪري وجهن ٿيون، ڪالهه به ائين ئي ٿيو آهي رستم لڳ ڪچي واري علائقي ۾ قبيلائي تڪرار سبب جتوئي برادريءَ جي ٻن ڌرين وحيد ڪمالاڻي ۽ گلشير سعدخاناڻي وچ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ سبب ٻنهي ڌرين جا 6 ماڻهو مارجي ويا آهن. مارجي ويلن ۾ ڪمالاڻي ڌر جا راونت پٽ شھبازي ڪملاڻي، محمد رمضان پٽ الهندو ڪمالاڻي، حضور بخش ڪمالاڻي ۽ ڪاڪو ڪمالاڻي ۽ سعدخاناڻي واري ڌر جو بخشل خان سعد خاناڻي شامل آهن، جڏهن ته هڪ عورت مسمات سڪينا سميت 12 ڄڻا زخمي آهن، جن ممتاز علي، عبدالحليم، شهزادو، علي ڏنو، محمد مٺل جتوئي ۽ ٻيا شامل آهن، زخمي ٿيل عبدالحليم ۽ ممتاز جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وئي.
رستم جي ڪچي واري علائقي ۾ ٿيل ڪالهوڪي خونريزي کانپوءِ موجوده صورتحال جنهن رخ ۾ سفر ڪندي نظر اچي ٿي تنهن کي ڏسي نه صرف ڪچو پر پڪي سميت علائقي جي هر عام ماڻهو ۾ بي واهي هجڻ واري احساس جو پيدا ٿيڻ فطري آهي. اسان اڳ به پنهنجي ڊائري ۽ ڪالمن ۾ اهو چوندا رهيا آهيون ته اغوائن کان ڪاروڪاري ۽ قبيلائي تڪرار تائين اهي سمورا ڏوهه اسرن ۽ نسرن ئي تڏهن ٿا جڏهن انهن کي سرپرستي جي ڇٽي ۽ ڇانو نصيب مهيا ٿئي ٿي.
ڪشمور کان جيڪب آباد ۽ خيرپور کان شڪارپور تائين هلندڙ برادرين وچ قبيلائي تڪرارن پويان به اهو ئي عنصر آهي جو انهن ذڪر ڪيل علائقن ۾ غربت انتها تي پهتل آهي ماڻهن کي ٻه ويلا ماني نصيب ڪانهي ته اهڙي صورتحال ۾ ڪچي جهڙن ڏورانهين علائقي ۾ ويٺل ماڻهن وٽ ايل ايم جي، جي ٿري ۽ راڪيٽ لانچر سميت اينٽي ايئرڪرافٽ جهڙا خطرناڪ ۽ مهانگا هٿيار ڪٿان ٿا اچن؟ملڪيت ڦٻائڻ خاطر ڪاروڪاري جهڙا هٿرادو جهيڙا ڪير ٿو پيدا ڪرائي، سنڌ ۾ قومي ايڪي کي نقصان پهچائڻ آخر ڪنهن جي ايجنڊا آهي؟.
هڪ ڳالهه ته واضح ٿي وئي ته شڪارپور ضلعي جي پوليس جي ڪچي ۾ رٽ تمام گهڻي ڪمزور آهي، پوليس مختلف وقتن تي دعويٰ ڪندي رهي آهي ته ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف اثرائتو آپريشن جاري آهي، پر ان باوجود به وارداتون گهٽجڻ بدران وڌي ويون آهن، شڪارپور جي ڪچي ۾ تيغاڻي-بجاراڻي تڪرار به هلندڙ آهي، جنهن به 50 کان انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن، ان کانسواءِ جتوئي برادري جي ڪيترن ئي پاڙن ۾ تڪرار هلندڙ آهن، جنهن سبب علائقي واسي هٿيارن جي ڇانوَ هيٺ زندگي گهارڻ تي مجبور آهن، جيڪڏهن پوليس ڪارنهن جي تهمت مڙهي قتل ڪيل عورت ۽ نوجوان جي قاتلن کي بنا دير پڪڙي جهيڙيندڙ ڌرين کي قانون جي ضابطي هيٺ آڻي ها ته ڪالهه وڌيڪ 6 انساني جانيون گولين جي بک نه بڻجن ها، سنڌ ۾ خوني تڪرارن ۾ واڌ تي ته اسان ڳڻتي جو اظهار ڪيون ٿا پر جيستائين ڏوهن جي سرپرستي ڪندڙ اشرافيا کي قانون جي گرفت ۾ نه آندو ويندو جهيڙيندڙ ڌرين کي بي هٿيار نه ڪيو ويندو تيستائين سنڌ جا اتر وارا علائقا بي امني جي باهه ۾ سڙندا رهندا.