ٺٽو ( رپورٽر) سنڌ جي جيلن ۽ ورڪس، سروسز جي صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري چيو آهي ته سنڌ جي امن امان واري صورتحال بابت صدر آصف علي زرداري  24 جون تي سکر ۾ اهم اجلاس سڏائي ورتو آهي، جنهن ۾ سنڌ جي امن امان واري واري صورتحال جو جائزو وٺندي اهم هدايتون جاري ڪيون وينديون. هو ضامن هائوس گھوڙاٻاريءَ ۾ عيد جي ٽئين ڏهاڙي تي تڪ جي ووٽرس سان ملاقات بعد صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. هن چيو ته امن امان سنڌ حڪومت ۽ پيپلزپارٽي جي پهرين ترجيح آھي. هن چيو ته  اتر سنڌ وارن علائقن ۾ سنڌو درياءَ تي تعمير ٿيندڙ پلين جي تعمير ۾ به ڏوهاري راڄ رڪاوٽ بڻيل هو، جنهن جي صدر پاڪستان آصف علي زرداري پاران نوٽيس وٺڻ تي هن خود اتي پهچي صورتحال بابت جائزو وٺي مقامي انتظاميا کي هدايتون جاري ڪندي هلندڙ تعميراتي ڪمن جي راھ ۾ رڪاوٽون وجهندڙن خلاف سخت ڪارروائي جون هدايتون ڏنيون آھن. هن چيو ته ساوند سبزوئي تڪرار جي خاتمي لاءِ سيد خورشيد شاھ جي اڳواڻي ۾ منٿ ميڙ قافلو ڌرين وٽ وڃڻ ۽ کين صلح تي راضي ڪرڻ وارو قدم انتهائي اهم آھي، ڇاڪاڻ ته قبيلائي تڪرارن سبب اتر سنڌ ۾ ڏوهن کي به هٿي ملي رهي آھي، هن چيو ته جيلن اندر گرمي پد کي گهٽائڻ، جيل مينوئل تحت کاڌ خوراڪ جي قيدين کي فراهمي يقيني بنائڻ لاءِ خصوصي قدم کڻڻ سان گڏوگڏ هو پاڻ پنهنجي کاتي ۽ خاص طور تي جيلن جي صورتحال کي مانيٽر ڪري رهيو آھي، هن چيو ته جيلن ۾ قيد، قيدي ڏوهاري ضرور آھن پر جيلن ۾ اهي اسان جا مهمان آھن کين انساني زندگي جون بنيادي سهولتون ڏيارڻ ۽ ساڻن ملاقات لاءِ ايندڙ مائٽن ۽ ملاقاتن جي نظام کي پڻ نادرا جيان جديد ڪمپيوٽرائزڊ ڪرايو پيو وڃي ته جيئن جيلن ۾ قيد قيدين سان سندن مائٽن جي ملاقات بهتر نموني سان ٿي سگهي ۽ کين پريشاني کي منهن ڏيڻو نه پوي هن چيو ته ھن جيڪي عوام سان واعدا ڪيا اھي پورا ڪرڻ سميت ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇايو آھي، جيڪو ھڪ مثال آھي ۽ سندس هر ممڪن ڪوشش آهي ته عوام جي رھيل سمورن مسئلن کي بنا فرق جي حل ڪري کين روزگار سميت سموريون زندگيءَ جون بنيادي گھربل سهولتون مھيا ڪري ڏني وينديون ۽ پڻ  ٺٽو ۽ مڪلي واسين کي پڻ ترت ڪينجهر مان ڪراچي کي پاڻي مهيا ڪندڙ ڪراچي گجو ڪئنال مان پيئڻ جي صاف پاڻي جي سهولت مهيا ڪئي پئي وڃي جڏهن ته ٺٽو سب جيل جي هلندڙ ڪم کي پڻ جلد مڪمل ڪرايو ويندو جڏهن ته ان موقعي تي ضلعي ڪائونسل ٺٽي جو چيئرمين عبدالحميد پنھور، ايس ايس پي ٺٽو ڊاڪٽر محمد عمران خان ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.