قبوسعيد خان (ن پ ا)قبو سعيد خان ٿاڻي جي حد شاھ وسايو بس اسٽاپ ڀرسان هٿياربندن ڦر دوران مزاحمت تي گوليون هڻي نوجوان شهمير چانڊيو  کي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد مقتولن نوجوان جي وارثن طرفان لاش رکي موٽروي تي ڌرڻو هنيو، مقتول جي وارثن قيصر چانڊيو، عامر چانڊيو، امير جان چانڊيو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ڦورو سري عام ماڻهن کان ھٿيارن جي زور تي ڦرلٽ ڪري مزاحمت ڪرڻ تي گوليون ھڻي ڳڀرو نوجوانن کي قتل ڪري فرار ٿي وڃن ٿا پر پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي لاءِ تيار ناهي، هنن چيو ته جيستائين جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو ويندو احتجاج جاري رهندو، ٻي طرف ڊي ايس پي شھدادڪوٽ ثناءُ الله سيال ڌرڻي واري ھنڌ پھچي مقتول شھمير چانڊيو جي وارثن سان ڳالهيون ڪري  جوابدارن جي گرفتاري جي خاطري بعد ٽن ڪلاڪن کانپوءِ احتجاج  ختم ڪرايو.