قبوسعيدخان (ن پ ا) قبوسعيد خان ٿاڻي جي حد ۾جوابدار پنهنجي ڀيڻ کي قتل ڪري ڇڏيو، خادم محلي ۾ سليم ڀٽي پنهنجي 18سال جي ڀيڻ سويرا کي ڪارنهن الزام مڙهي پسٽل جا فائر ڪري فرار ٿي ويو، پوليس لاش اسپتال آندو جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس موجب واقعو ڪارنهن الزام تان پيش آيو آهي، جوابدار جي گرفتاري لاء ڇاپا جاري آهن، قبوسعيدخان ٿاڻي تي مقتولڻ جي والد غلام قادر ڀٽي جي فرياد تي سندس پٽ سليم خلاف قتل ڪيس داخل ڪيو ويو.