قبو سعيد خان (ن پ ا) قبوسعيدخان ٿاڻي جي حد ڳوٺ علي دوست مگسي ۾ زميني  تڪرار تان مگسي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ لٺيون لڳڻ سبب هڪ عورت ۽ ٻار سميت 5ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ حنيفا خاتون، ٻالڪ نويد احمد مگسي، لعل بخش مگسي، خميسو ۽ نواز علي شامل آهن، جن کي اسپتال نيو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته جهيڙو زميني تڪرار تان ٿيو، معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.