راولپنڊي (م ڊ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو آهي ته حڪومت ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ ڳالهين جو ڪوبه حل نه نڪرندو. ڇو ته قبر هڪ ماڻهو 2 آهن، هڪ کي اندر وڃڻو آهي. راولپندي ۾ دهشتگردي جي انت واري عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي شيخ رشيد چيو ته ڳالهيون بهتر عمل آهي، ڳالهين سان ڪجهه نه نڪتو ته پوءِ جوڊو ڪراٽي ۽ بئنڪاڪ جا شعلا آهن. شيخ رشيد چيو ته 26 نومبر هڪ خوفناڪ، دهشتناڪ ۽ ظلم ستم جو ڏينهن هو انهي جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي، مان ڳالهين جو حامي هئس ۽ حامي آهيان منهنجو صرف هڪ ماڻهو سان تعلق آهي اهو پي ٽي آءِ باني آهي.