رستم (رپورٽ: طيب جتوئي) رستم ويجھو آباد ميلاڻي ايٽ محمد آباغ ٿاڻي جي حد ڪرنل واھ واري علائقي جي ڳوٺ نازل شيخ ۾ قادراڻي جتوئي ۽ ڪَٻرا مھر تڪرار تان ھٿياربندن پاران حملو ڪري گھر تي مٿي مورچي ۾ ويٺل نوجوان راشد علي پٽ ھزاري ڪرملاھي مھر کي گوليون ھڻي موقعي تي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي، علائقي واسين مطابق ٻنھي ڌرين پاران راڪيٽ لانچر به فائر ڪيا ويا، جديد ھٿيارن جي فائرنگ سبب سموري علائقي ۾ ڏھڪاءُ پکڙجي ويو، جوابدار ڌر جا ماڻھو فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، ٻئي طرف واقعي جو اطلاع ملڻ باوجود حد جي پوليس نه پھتي، جنھن سبب حد جي پوليس کان چڪاس ليٽر وصول ڪري مقتول نوجوان جا وارث مارجي ويل نوجوان جو لاش ڊاٽسن ۾ کڻائي لکي غلام شاھ اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم بعد مقتول جو مڙھ واپس اباڻي ڳوٺ عامل مھر ۾ نيو ويو، جتي نوجوان جو لاش پھچڻ سبب گھر ۾ ڪھرام مچي ويو، ھوڏانھن آباد ميلاڻي ايٽ محمد آباغ پوليس ٻڌايو ته واقعو رات ديرسان تقريبن 3 وڳي جو پيش آيو، جوابدارن پراڻي تڪرار تان حملو ڪري گھر جي ڇت تي ستل نوجوان کي گوليون ھڻي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا، مقتول نوجوان جا وارث ٿاڻي تي نه پھچڻ ڪري واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آھي. نوجوان جي قتل بعد جوابدارن سوشل ميڊيا تي جشن ملهايو ۽ وڌيڪ نقصان ڪرڻ جون ڌمڪيون به ڏنيون.
هن کان پوءِ وڌيڪ نقصان ڪنداسين: قاتلن جي سوشل ميڊيا تي وڊيو ذريعي ڌمڪي
رستم: جادل قادراڻي جي ڌر پاران مقتول نوجوان راشد علي مھر جي قتل جو سوشل ميڊيا ذريعي اعتراف ڪيو ويو ۽ ھو وائرل ڪيل وڊيو ۾ ڌمڪي ڏيندي چوي ٿو ته وڌيڪ به نقصان ڪيو ويندو، اھڙين ڌمڪين بعد علائقي ۾ خوف واري صورتحال قائم ٿي وئي آھي.
ڌرين جا 2_2 خون اڳ به ٿي چڪا، وڌيڪ رتو ڇاڻ ۽ جاني نقصان جو خطرو
رستم: راشد علي مھر جي قتل بعد ٻنھي ڌرين جي مارجي ويلن جو انگ وڌي 5 ٿي ويو، جڏھن ته پھرين ٻنھي ڌرين جا 2-2 ماڻھو قتل ٿيل آھن، ھوڏانھن واقعي بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي، ٻنھي ڌرين جي ماڻھن پاران سوشل ميڊيا ذريعي ھٿيارن جي نمائش واريون وڊيوز وائرل ڪري ھڪٻئي کي ڪٽنب ختم ڪرڻ جون پڻ ڌمڪيون ڏنيون ويون.