پشاور (م ڊ) لوئر ڪرم ۾ مندروي وٽ قبائلين جو ڌرڻو جاري رهيو، ٽل – پارا چنار روڊ بند هئڻ سبب قافلا نه وڃي سگهيا، لوئر ڪرم ۾ مندروي وٽ لڳل ڌرڻي کي ختم ڪرائڻ لاءِ جرڳي جا ميمبر پهچي ويا کين حڪومتي پيغام پهچايو، جنهن تي ڌرڻو هڻندڙن چيو ته اپيڪس ڪاميٽي اجلاس جي فيصلن تي عملدرآمد تائين ڌرڻو جاري رهندو. هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪرم کي هٿيارن کان پاڪ ۽ بگن متاثرن کي معاوضو ڏيڻ تائين اسان ويٺا رهنداسين. ٻئي طرف ڪرم جي متاثر علائقن ۾ ٽل هنگو مان ڪالهه به قافلا روانا نه ٿي سگهيا. ان حوالي سان ضلعي انتظاميا چيو آهي ته قافلا گذرڻ جي صورت ۾ ڇپري چيڪ پوسٽ کان تري منگل تائين ڪرفيو رهندو. شهري غير ضروري روڊن تي اچڻ کان پاسو ڪن. هوڏانهن ٽرڪ ڊرائيورن جو چوڻ آهي ته سخت سردي آهي  اسان کي رستو ڏنو وڃي ته وڃون، قافلي ۾ شريڪ 80 گاڏين ۾ ڀاڄيون، ميوا ۽ ٻيو ضروري سامان موجود آهي جيڪو خراب ٿيڻ جو خدشو آهي.