قانون هر ڪنهن کي هر فون ٽيپنگ جي اجازت ناهي ڏيندو، رپورٽ نه نتيجا گهرجن: آئيني بينچ

0
48
روز فوجي شهيد ٿيندا آهن، اهي ڪيس فوجي عدالتن ۾ ڇو نٿا هلن ؟ سپريم ڪورٽ
روز فوجي شهيد ٿيندا آهن، اهي ڪيس فوجي عدالتن ۾ ڇو نٿا هلن ؟ سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ آئيني بينچ فون ٽيپنگ متعلق ڪيس ۾ صوبن جي ايڊووڪيٽ جنرلز کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. آئيني بينچ جي سربراهه جسٽس امين الدين خان رمارڪس ڏنا ته اسان کي رپورٽ ياقانون ۾ دلچسپي ناهي پر نتيجا گهرجن. جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي ست رڪني آئيني بيچ فون ٽيپنگ متعلق ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. جسٽس محمد علي مظهر پڇاڻو ڪيو ته ڇا فون ٽيپنگ متعلق ڪا قانونسازي ٿي آهي؟ ايڊيشنل اٽارني جنرل جواب ڏنو ته 2013 کان قانون موجود آهي جنهن مطابق آءِ ايس آءِ ۽ آءِ بي نوٽيفائيڊ آهن. قانون ۾ فون ٽيپنگ جو طريقيڪار آهي ۽ عدالتي نگراني به قانون ۾ آهي. جسٽس محمد علي مظهر رمارڪس ۾ چيو ته قانون جي مطابق ته فون ٽيپنگ جي لاءِ صرف جج اجازت ڏئي سگهي ٿو. ڇا ڪنهن جج کي ان مقصد جي لاءِ نوٽيفائي ڪيو ويو آهي؟ جسٽس جمال خان مندوخيل چيو ته فون ٽيپنگ جو قانون مبهم آهي. آئيني بينچ جي سربراهه جسٽس امين الدين خان رمارڪس ڏنا ته اسان کي رپورٽس يا قانون ۾ دلچسپي ناهي پر نتيجن گهرجن. ايڊيشنل اٽارني جنرل ٻڌايو ته جج نامزدگي بابت ڄاڻ ناهي. جسٽس جمال مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته ان ڪيس جو اثر گهڻن ٻڌڻي هيٺ ڪيسن تي به ٿيندو. هي معاملو چيف جسٽس جي چيمبر کان شروع ٿيو، چيف جسٽس ڪيڏانهن ويندو. جسٽس محمد علي مظهر رمارڪس ڏنا ته قانون هر ڪنهن کي هر فون ٽيپنگ جي اجازت ناهي ڏيندو. ايڊووڪيٽ آن ريڪارڊ ( اي او آر) چيو ته ان ڪيس ۾ درخواست گذار ميجر شبر سان رابطي نه ٿي رهيو آهي. جڏهن ته ميجر شبر جو وڪيل به گذريل سال فوت ٿي چڪو آهي. دليلن بعد آئيني بينچ ڪيس تي ايڊووڪيٽ جنرلز کي نوٽيس جاري ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.