واهي پانڌي (ن پ ا) سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير لياقت جتوئي ڳوٺ دودو برهماڻي پهچي قتل ٿيل نظيران برھماڻي جي وارثن سان تعزيت ڪئي ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي لياقت جتوئي چيو ته برهماڻي برادري سان ظلم ٿيو آهي اسان انهن سان گڏ آهيون. پيپلزپارٽي وارن اهڙا غنڊه رکيا آهن جن کي رڳو پيسا ٺاھڻا آهن جيڪي ڳوٺن ۾ شريف ماڻهن کي پوليس کان ڪيس داخل تنگ ڪري جهيڙا ڪرائي رهيا آهن ڇھ ڏينهن وارث ۽ شهري ڪيس داخل ڪرڻ لاء احتجاج ڪري رهيا هئا پر ايف آئي آر داخل نه پئي ٿي اهو صرف هڪ دادلي کي بچائڻ ڪيو ويو قانون لاڳو ڪندڙ هنن وٽ يرغمال بڻايل آهن ايس پي هنن جي ڪمداري ڪري رهيا آهن ته عام ماڻهو انصاف ڪٿي ملندو اسان 16 سالن کان هنن خلاف جنگ جاري رکي پيا اچون جتي ظلم ٿيندو اسان اتي غريب عوام سان گڏ آهيون ان موقعي تي سردار عاشق زنئور،سردار امداد لغاري، نياز ٻرڙو، ڀائي خان لاشاري، ظفر رستماڻي، امين وگهيو ۽ ٻيا پارٽي اڳواڻ ساڻ گڏ هئا