لاهور (م ڊ) پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته قانون جي حڪمراني کانسواءِ جهموريت جو تصور ئي ڏکيو آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ عمران خان لکيو ته هڪ مضبوط، آزاد ۽ معتبر عدالتي نظام قانون جي حڪمراني کي يقيني بڻائي ٿو ۽ دستور جي حفاظت ڪري ٿو. هن چيو ته قوم چونڊن جي حوالي لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي آجيان ڪري ٿي ۽ آئين جي بالادستي، انصاف جي نظام سان سلهاڙيل اميدون زنده ڪرڻ لاءِ عدليا پٺيان بيٺي آهي. ياد رهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي هدايت ڪئي آهي ته پنجاب ۾ 90 ڏينهن ۾ اليڪشن جي تاريخ ڏني وڃي.