ڪراچي (م ڊ) قانوني ماهر رشيد اي رضوي چيو آهي ته حديبيه پيپرز ملز ڪيس جو ٻيهر ٽرائل مشڪل آهي، ڇاڪاڻ ته ڪيس حل ٿي ويو آهي، لاهور هاءِ ڪورٽ جي فل بينچ مان هڪ جج نيب کي ٻيهر جاچ جي اجازت به ڏني هئي، جڏهن ته اڪثريت ان جي حق ۾ نه هئا، سپريم ڪورٽ ۾ به اهو معاملو آيو، هنن اپيل به نه ڪئي، پهرين به اپيل ۾ 4 سالن کانپوءِ ويا، ان ڪري آئون سمجهان ٿو ته هي مئل گهوڙو آهي، جيترا به چهبڪ لڳايو هي گهوڙو نه اٿي سگهندو.