ميھڙ(ن پ ا(  قاضي عارف لڳ ڳوٺ غلام حيدر بگٽي ۾ پرائمري اسڪول جي ٻارڙن، استادن ۽ ڳوٺاڻن پاران سنڌو درياءَ تي ڪئنالن جي غير آئيني اڏاوت ۽ سنڌ جي پاڻي تي غيرقانوني ۽ غير اخلاقي قبضي خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، اسڪول جي استادن خادم حسين ڏيپر، عبدالڪريم وڪو، علي محمد سومرو، ذيشان مھيسر، فراز علي جتوئي، ممتاز کوسو، اعجاز کوسو ، مهتاب ملاح ۽ اسڪول جي معصوم ٻارڙن پاران ڀرپور شرڪت ڪري سخت نعريبازي ڪري سنڌ سان محبت جو وچن ورجايو اسڪول جي استادن ۽ ڳوٺاڻن پاران روزانو احتجاج ڪري پنجاب جي ارادن کي ناڪام بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو ان موقعي تي ھنن نيشنل پريس ڪلب ميھڙ جي صحافين سان ڳالھائيندي چيو تہ پنجاب زبردستي سنڌوء جي پاڻي تي ڌاڙو ھڻي سنڌين جي نسل ڪشي ڪرڻ چاھي ٿو جنھن سبب سنڌ جي نمائنده پارٽي انھن جي سهولتڪار بڻيل آھي جيڪا سنڌ سان سراسر ناانصافي ۽ سنڌي پنھنجن دنگن ۽ ننگن تي سر ڏيڻ وارا ماڻھو آھيون پنجاب ۽ انھن جي سهولتڪارن کي ڪڏھن به ڪامياب ٿيڻ ڪو نه ڏينداسين.