قاضي احمد(ن پ ا) قاضي احمد 2 سڳا ڀائر صحافي گرفتار، عدالت ۾ پيش، عدالت کين ضمانت تي آزاد ڪري ڇڏيو، تفصيل موجب ڳوٺ سونو چانڊيو ۾ زمين ۽ رستي جي معامري تي ٻن ڀائرن ۾ ڪافي ڏينهن کان هلندڙ تڪرار تان صحافي ڀائرن عبدالشڪور چانڊيو ۽ شعيب چانڊيو وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، ڇڪتاڻ بعد ٻنهي ڄڻن پوليس وٽ پھچي هڪ ٻئي خلاف رپورٽ داخل ڪرائي، پوليس امن امان ۾ خلل وجهڻ جي الزام هيٺ 107 جي ڪارروائي ڪري ٻنھي ڄڻن کي گرفتار ڪري مقامي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي ٻنھي ڄڻن کي ھٿڪڙيون ھڻي ويھاريو ويو، عدالت سندن ضمانت وٺڻ بعد آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو.