قاضي احمد(ن پ ا) قاضي احمد ۾ ڳوٺاڻي پوليو ورڪر تي هٿيار تاڻي ورتا. ان ڏس ۾ ڳوٺ سونو چانڊيو ۾ پوليو مھم دوران ٻارڙن کي پوليو جا قطرا پيارڻ لاء پھتل پوليو ورڪر  جي ٽيم کي مقامي  رھواسي جوابدار عبدالقيوم ولد حمزو چانڊيو  پوليو ٽيم ڊاڪٽر شاھد ,ساران زال الھ ورايو جتوئي ۽ ايل ايڇ وي عليزان  کي پسٽل ڏيکاري موت مار ڌمڪيون. جوابدار پوليو ورڪرز کي گارگند ڪري ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، واقعي بعد ٻارن کي پوليو ڦڙا نه پيارڻ ۽ ڌمڪيون ڏيڻ جو ڪيس قاضي احمد پوليس  ٿاڻي تي داخل  ڪيو ويو. جوابدار خلاف پوليو ٽيم کي گارگند ڪري تذليل ڪرڻ تي  قلم 354.506.504 تحت ڪيس داخل ڪيو ويوآهي. جنهن کي  گرفتار ڪري لاڪب حوالي ڪيو ويو آھي.