قاضي احمد(ن پ ا) سنڌو درياءَ تي 6 تڪراري ڪينال اڏڻ خلاف قاضي احمد ۾ نوجوان شاگردن پاران مشعل بردار ريلي ڪڍي قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ويو، ريلي ۾ سياسي سماجي، ادبي، قوم پرست ڪارڪن ۽ دڪاندار شرڪت ڪئي، ريلي دوران قومي راڳين گيت پيش ڪيا، ان موقعي تي سجاد انڙ، ڪاشف انڙ، صوفي امين اوٺو ۽ ٻين چيو ته سنڌو درياهه سنڌ جو جياپو آهي، پاڻي بنا زندهه رهڻ ممڪن ناهي، سنڌو درياهه جي پاڻيءَ تي لڳندڙ ڌاڙي خلاف روڊن تي نڪتا آھيون، هاڻ فيصلائتي تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ وڃون پيا، هنن چيو ته درياهه مان ڪينال ڪڍڻ تي پنجاپ ۽ وفاق پنهنجي هوڏ تي قائم آهي، اسان سنڌ دشمن تڪراري ڪئنالن واري منصوبي کي رد ڪريون ٿا.