قاضي احمد(ن پ ا) قاضي احمد ۾ سروري ڪرڪيٽ گرائونڊ تي پنجون آل سنڌ الحاج رئيس علي نواز خان انڙ ميموريل نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ شروع ٿي ويو ان حوالي سان پهرين ڏينهن تي نواب شاھ ھيروز ۽ الحسيني محراب پور وچ ۾ جنهن ۾ الحسيني محراپور 60 رنسو ٺاهي سگهي جنهن دوران نواب شاھ هيروز 4 اوورن ٽارگيٽ پورو ڪري ڪاميابي ماڻي ورتي روزانه چار چار ٽيمن ۾ مقابلو ٿيندو جڏهن ته فائنل مقابلو 24 اپريل 2025 تي کيڏيو ويندو هن نائٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ 14 کان وڌيڪ ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن جڏهن ته ڪراچي. حيدرآباد. ٽنڊي الهيار. نوشهروفيروز. مورو. نوابشاهه. سڪرنڊ. دوڙ .قاضي احمد. ڪنڊيارو سميت ٻين مختلف شهرن جون ٽيمون شامل آهن هن ٽورنامينٽ جو خاص تعاون پ پ اڳواڻ رئيس ڄام آفتاب علي خان انڙ پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻو تعلقي ناظم سردار ڄام افتخار علي انڙ جو آهي جڏهن ته پهرين ٽورنامينٽ جو افتتاح چيف گيسٽ سماج سڌارڪ رئيس رئيس ميان عمران علي انڙ. رئيس اشفاق نبي انڙ ۽ ٻين ڪيو آيل مهمانن کي لنگيون اجرڪن جا تعفا پيش ڪيا ويا.